نوابشاھه(ڊ ر) فوڊ گرين گودام ورڪرز يونين جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ گودام اندر احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو انهي موقعي تي مظاهرين اڪبر مگسي، يونس ڪيريو، ڄام ڀٽي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته فوتي ڪوٽا تحت ڀرتي ٿيل چوڪيدارن جا پروموشن ڪيا وڃن، وردي الائونس جاري ڪيو وڃي، سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي، ملڪ جي ٻين کاتن جيان ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، فوڊ کاتي جي چوڪيدارن جو پگھارون ٻين صوبن جيان برابر ڪيون وڃن، ھنن سيڪريٽري فوڊ، ڊائريڪٽر ۽ اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ ڊويزن جي ھر ضلعي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.
