بدين(ڊ ر ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق بدين ۾ ھزارين ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ھن چيو ته پاڪستان جو سياسي معاشي ۽ اخلاقي طور ڏيوالو نڪري چڪو آهي ۽ ھاڻ ھن ملڪ جي حڪمرانن جو صرف ھڪ ڪم رھجي ويو آهي اھو آهي سعودي عرب جاپان برطانيا آمريڪا چين سميت دنياجي ملڪن مان پنڻ ھن چيو ته ھن ملڪ جو عوام به اھڙا حڪمران چاھين ٿا ته پوء ته ٺيڪ آهي جيڪڏهن عوام چاهي ٿي ته اسان پنڻ واري قوم جي بجاء ڏيڻ واري قوم بڻجون ته عوام کي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏيڻو پوندو ھن چيو ته آئون صوبي خيبر پختون خواھ جو سينئر صوبائي وزير ۽ خزاني جو وزير ھئس ته ان وقت صوبي تي ھڪ روپيو به ٻاھريون قرض نه ھو ۽ مون صوبي جا غير ترقياتي ۽ عياشين وارا منصوبا ختم ڪري ڇڏيا ھن وقت اتي پي ٽي آء جي حڪومت آهي ۽ خيبر پختون خواھ تي 900 سئو ارب روپيا قرض چڙهي ويو آھي ھن چيو ته اڄ 2023 شروع ٿي ويو آهي ۽ ھن نئين سال جو پھريون جلسو بدين ۾ ڪري رھيا آھيون جيڪو صرف جلسو نه آهي پر اڄ کان اسان ملڪ ۾ غربت جي خلاف تحريڪ جي شروعات ڪرڻ جو اعلان ٿي ڪريان ھن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي کان اسلام آباد تائين مھانگائي خلاف مارچ ڪيو ھو آئون اڄ بلاول کان مراد علي شاهه کان اھو پڇڻ چاھيان ٿو اڄ مرڪز ۽ سنڌ ۾ اوھان جون حڪومتون آهن پر اڄ به سنڌ ۾ اٽو 140 روپيا آهي سنڌ جا شھر ۽ ٻھراڙيون اونڌاھي ۾ ورتل ۽ سنڌ جا ماڻهو بک ۽ مفلسي واري زندگي گذاري رھيا آهن ھن چيو ته پي پي ۽ نوازليگ ڳٺ جوڙ وفاقي حڪومت ملڪ جي وسيلن ھوندي ٻاھرين قرض ۾ غرق تي ويئي آھي ۽ ملڪ معاشي طور تباھ ٿي ويو آھي ، ھن سنڌ جي حڪمرانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته 2022 ۾ سنڌ جي 17 ضلعن ۾ تباھڪن برساتون پوڻ ،سم نالن جي اٿلڻ سبب ٽنڊو باگو تعلقو جي تباھي بعد سنڌ جي ھزارين خاندانن جي بحالي لاء اوھان کي 87 ارب ڊالر مليا ،انھن مان گھڻن برسات متاثرين غريبن کي ڏنا ،سنڌ جو غريب اڄ به بک ۽ بيروزگاري کي منھن ڏيئي ٿو ، ماڻھو فوٽ پاٿ ۽ جھوپڙين ۾ سر ڍڪڻ تي مجبور آھن ،زرداي ۽ مراد علي شاھ عوام جي پئسن تي عياشي ڪن ٿا ، بلاول چوي ٿو ته ٻاھرين ملڪن جي دورن تي سندس ذاتي پئسا خرچ ڪري ٿو ،مان ٿو چوان بلاول جي دورن تي سنڌ جي عوام جو لٽيل ۽ ڪرپشن ڪيل پئسو خرچ ٿئي ٿو ، ھن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ نانگ ۽ وڇون ويٺل آھن ،اھي عوام جو رت پيئن ٿا ،انھن ڪرپشن ڪندڙ حڪمرانن جي ڪري عوام جي حالت نه ٿي بدلجي ، اڄ سنڌ جي عوام کي اٽو 140 روپيا ڪلو ڏنو پيو وڃي، ھي حڪمران اربين روپين جون شوگر ملون ٺاھي وڏن ھوٽلن ۾ عوام جي پئسي تي عيش ڪري رھيا آھن ، ھنن جو ھڪڙو ڊي سي به ٽي ارب روپين جي ڪرپشن پيو ڪري ،ھن عوام کي اپيل ڪئي ته ايندڙ مڪاني ادارن ۽ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي کي ووٽ ڏين تي ستر سال بزرگ کي رياست مفت گھر ۽ کاڌو ڏيندي ،43 لک نوجوانن کي روزگار ڏينداسين ۽ 80 ملين ايڪڙ سرڪاري زمين نه فقط غريب ھارين کي ڏيندا پر ٽريڪٽر ،ٻج ۽ ڀاڻ به ٽن سالن لاء مفت رياست ڏيندي ،عورتن جي حقن جي حفاظت ڪنداسين ، ھن چيو ته 1947ع ۾ پاڪستان آزاد نه ٿيو ھو پر ملڪ قائم ڪري گورن ھنن ڪارن سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي ڏنو ھو، جن پاڻ کرب پتي ٿي عوام کي بکيو ۽ بيروزگار بڻائي ڇڏيو آھي ، سراج الحق اعلان ڪيو ته پيپلز پارٽي جي حڪمرانن جي ڪرپشن ء ملڪ ۾ ٿيندڙ مھانگائي خلاف بدين کان تحريڪ ھلائڻ جو اعلان ڪريان ٿو ،جلدي وزير اعلي سنڌ جي ھائوس ٻاھران گھيراء ڪنداسين .ان کان اڳ مرڪزي نائب امير ڊاڪٽر معراج الحدي صديقي خطاب ڪندي چيو ته بدين جي سرزمين مان اربين روپين جو سون ،ڪوئلو ،تيل ۽ گئس جھڙي معدنيات نڪري ٿي پوء به بدين جو نوجوان بيروزگار آھي , پيٽ گذر لاء پريشان آھن ، ماڻھو غربت ء افلاس سبب پنڻ تي مجبور آھن ،ھنن حڪمرانن برسات متاثرين لاء مليل 87 ارب روپيا ھڙپ ڪري ڇڏيا آھن ، ھن چيو ته 2022 سال ته بدليو پر ماڻھن جي حالت نه بدلي ۽ ظلم ڪندڙ ظالم نه بدليو آھي ،اچو ته ظالمن خلاف سيھي جي ديوار ٿي ميدان تي نڪرون ،جلسي کي جماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي ، صوبائي سيڪريٽري محبوب علي کوسو ، پير مجدد سرهندي ،ضلعي امير سيد علي مردان شاھ جيلاني ۽ ٻين خطاب ڪيو
