پشاور (م ڊ) پي ڊي ايم جي سربراهه ۽ جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جا سرڪاري وسيلا عمران خان مٿان خرچ ٿي رهيا آهن. پشاور ۾ خيبرپختونخواهه حڪومت خلاف جي يو آءِ (ف) جي اي پي سي کان پوءِ پريس ڪانفرنس دوران مولانا فضل الرحمان چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ماڻهن کي بنيادي سهوليتن کان محروم رکيو پيو وڃي. ٻنهي صوبائي حڪومتن جا سرڪاري وسيلا عمران خان تي خرچ ٿي رهيا آهن. مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان ملڪ کي ٻوڙڻ لاءِ ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو. اتحادي حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ هاڻ ڊيفالٽ جي خطري مان نڪري چڪو آهي. مخالف حڪومت خلاف رنڊڪون پيدا ڪري رهيا آهن. خيبرپختونخواهه حڪومت تي تنقيد ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته خيبرپختونخواهه حڪومت 900 ارب روپين جا قرض وٺي غريب صوبي کي قرضدار بڻائي ڇڏيو. صوبي ۾ اڃان تائين ڪوبه ميگا پروجيڪٽ تيار ناهي ٿي سگهيو. خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ وڏي وزير کي ان جو حساب ڏيڻو پوندو.
