پکو: اي آءِ جي سھائي عزيز ٽالپر منشيات ڪيس جي انڪوائري ۾ چئن اھلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو

پکو (ن س) ڪروڙين روپين جي منشيات اسمگلنگ جي الزام ھيٺ قمبر ضلعي جا 4 اھلڪار معطل اي آءِ جي سھائي عزيز ٽالپر منشيات ڪيس جي انڪوائري ۾ چئن اھلڪارن انسپيڪٽر عبدالرحمان ڀٽو ھريش ڪمار سڪندر مغيري ۽ سجاد قريشي کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. معطل اھلڪارن مٿان الزام ھو ته ھُنن بين الصوبائي منشيات فروشن سان ملي ڀڳت ڪري ڪروڙين روپين جي منشيات سنڌ جي شھرن ۾ اسمگلنگ ڪرائي آھي. رپورٽ موجب ڪروڙين روپين جي منشيات اسمگلنگ جي الزام ھيٺ قمبر ضلعي جا 4 اھلڪار معطل ٿي ويا ان ڏس ۾ اي آءِّ جي سنڌ پوليس سھائي عزيز ٽالپر منشيات ڪيس جي انڪوائري ۾ قمبر- شھدادڪوٽ ضلعي جي چئن اھلڪارن انسپيڪٽر عبدالرحمان ڀٽو، سب انسپيڪٽر ھريش ڪمار، اي ايس آءِ سڪندر مغيري ۽ پي سي سجاد قريشي کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي. جنھن ۾ معطل اھلڪارن مٿان الزام عائد ڪيو ويو ته ھُنن بين الصوبائي سطح جي منشيات اسمگلنگر سان ملي ڪري افغانستان مان ايندڙ ڪروڙين روپين جي منشيات سنڌ ۽ بلوچستان صوبي جي بارڊر ڪراس ڪرائي مختلف شھرن ۾ پھچائي ان حوالي سان اي آءّ جي سنڌ پوليس سُھائي عزيز ٽالپر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته منشيات ڪيس جي انڪوائري سلسلي ۾ قمبر- شھدادڪوٽ ضلعي جي چئن اھلڪارن تي الزام ثابت ٿيڻ نتيجي ۾ کين معطل ڪيو ويو آھي. ھنن مٿان منشيات اسمگلنگ جا سنگين الزام ھُئا جن جا ڳجھا رابطا بين الصوبائي منشيات فروشن سان ھُئا اھڙي طرح منشيات افغانستان مان چمن بارڊر ذريعي بلوچستان پھچندي ھُئي جنھن کي معطل اھلڪار قمبر- شھدادڪوٽ ضلعي جون سرحدون ڪراس ڪرائي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اسمگلنگ ڪرائيندا ھئا. ھُن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سنڌ ۾ ڌارين جي اچڻ سان منشيات جو وڪرو وڌي ويو آھي. جنھن ۾ سياسي ماڻھون به ملوث آھن، جن خلاف به ڪارروائي جي سفارش لاءّ وڏي وزير سميت اعلي’ اختيارين کي سفارش ڪئي آھي جيئن نشاندھي ڪيل سماج دشمن عنصرن خلاف قانوني قدم کڻي سنڌ کي منشيات کان پاڪ ڪيو وڃي .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں