ڪنب: پوليس جي ناجائزين  خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

ڪنب (رپورٽ:عبدالخالق ڪلادي) ڪنب ڳوٺ غوث بخش ڄامڙو واسين جو پوليس جي مبينه ناجائزين  خلاف احتجاجي مظاهرو، خبر موجب ڪنب لڳ ڳوٺ غوث بخش ڄامڙو جي رهواسين پوليس جي مبينه ناجائزين خلاف ڳوٺاڻن ميرخان ڄامڙو مور ڄامڙو امداد علي ڄامڙو نياز علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گزريل ڏينهن ڪنب پوليس ۽ مختلف ٿاڻن جي پوليس اٽالن بلاجواز چڙھائي ڪري گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري ٻه گهر ميرخان ڄامڙو ۽ پناهه ڄامڙو جا گهر ڊاهي ڪري ڇڏيا آھن ۽ گهرن ۾ پيل سامان پڻ کڻي وئي آھي. ان موقعي تي ميرخان ڄامڙو احتجاج ڪندي چيو ته ڪنب ۽ مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايڇ او ڪنب جي اڳواڻي ۾ بلاجواز منهنجي گهر تي چڙھائي ڪري گهر کي بلڊوز ڪيو ۽ گهر ۾ پيل زيور روڪ رقم کڻي وئي آھي ۽ چوپايو مال پڻ ڪاهي وئي آھي. هن چيو ته اسان جي ڊي اي جا ووٽر آھيون ۽ پيرسائين جا مريد آھيون جنهن ڪري انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ڀل جاچ ڪرائي وڃي جيڪڏهن ڏوهاري هجان ته سزا ڏني وڃي نه  ته زندگي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں