ڪوٽڙي(ن س)ڪوٽڙي ۾ وڌندڙ مهانگائي اٽي جي بحران خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقہ ڪوٽڙي طرفان احتجاجي مارچ المدينہ چوڪ تي ڌرڻو.ايس يو پي اڳواڻ عاشق ٻگهيو، خالد لاشاري، طارق سومرو، مرتظي رند لطيف ڀٽي سهيل هالو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيشن روڊ کان المدينہ چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيون ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو تہ پ پ پ سرڪار زرداري مافيا هٿ وٺي سنڌ ۽ قوم کي مارڻ جو منصوبو جوڙي ڇڏيو آهي سڄي سنڌ کي ٻوڙائڻ کانپوءِ هاڻ اٽي جو هٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آهي ظالم حڪمران مسڪين ماڻهن کان ٻن ويلن جي ماني بہ کسڻ چاھن ٿا هنن چيو تہ ظالمن حڪمرانن هر شي تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي پاڻي تي قبضو شگر ملون بہ انهن جون اٽي جون چڪيون بہ انهن جون جڏهن چاھن عوام کي پيڙهين ٿا هڪ طرف سموري دنيان نئين سال جي آجيان پئي ڪري تہ ٻئي طرف سنڌي ماڻهون اٽي جي هٿرادو کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن هنن چيو تہ اٽي جي بحران سميت مهانگائي تي ضابطو آندو وڃي ٻي صورت ۾ عوامي سمنڊ کين ٻوڙي ڇڏيندو،
