اسان کي به فوج کان مدد ملندي هئي، جنرل باجوه کي ايڪسٽينشن نه ڏيڻ گهرجي ها: عمران خان

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته جنرل باجوه کي ڪڏهن به ايڪسٽينشن نه ڏيڻ گهرجي ها، خبر هجي ها هِي احتساب نه ڪندا ته اُن وقت اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيان ها. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي ڇوٽ ڏني وئي آهي، ٻارن کي به خبر آهي ته اين آر او ٽُو جنرل باجوه ڏنو هو. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ملڪ ۾ سمورا ادارا ڪمزور آهن، اسان کي به فوج کان مدد ملندي هئي، ٻيا آثار موجود هجڻ باوجود جنرل باجوه تي ڀروسو ڪيو. عمران خان وڌيڪ چيو ته آئون چوندو هئس ته احتساب ٿئي، پر اوچتو جنرل باجوه چوڻ لڳو ته احتساب کي ڇڏيو، شاهزين بگٽي اسٽيبلشمينٽ جي اجازت کانسواءِ ماني به نه کائيندو آهي، هو اپوزيشن ۾ ويو ته اسان کي به پلان سمجهه ۾ اچي ويو. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته باپ ۽ متحده کي به اسٽيبلشمينٽ ڪنٽرول ڪندي هئي، اُنهن کي اپوزيشن ۾ ڪيئن ڌڪيو ويو؟ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت ڪجهه سنڀالي نه سگهندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں