تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ اعظم سواتي جي ضمانت منظور

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تڪراري ٽويٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محفوظ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي 2 لک روپين جا ضمانتي مچلڪن عيوض گرفتاري کان بعد واري ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان اڳ عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ اعظم سواتي طرفان داخل گرفتاري کان بعد واري ضمانت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں