دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) دادو جي پوليس هيڊ ڪواٽر سامهون ڊاڪٽر پروين رند جي گهر تي هٿياربندن جو مبينا حملي خلاف ڊاڪٽر پروين رند پيپلز پارٽي اڳواڻ علي نواز رند، سڪندر، علي احمد ۽ ٻارڙن بي بي آمنا،مجاهد، شاهد رند ۽ ٻين دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعري بازي ڪري علامتي بک هڙتال تي ويٺا، ڊاڪٽر پروين رند ميڊيا کي ٻُڌايو ته سيڪيورٽي لاءِ ايس ايس پي آفيس وڃڻ لاء گهران نڪتاسين ته موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن روڪي عدالت ۾ هلندڙ ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء گار گند ڪري قتل جون ڌمڪيون ڏيئي هٿيار تاڻيا اسان گهر اندر واپس داخل ٿي جان بچائي ورتي آھي، اطلاع تي پوليس پهتي ته هٿياربند ڀڄي ويا 3 جنوري تي دولتپور ۾ حاضري آهي سيڪيورٽي لاءِ ايس ايس پي دادو کي درخواست ڏني پر سيڪيورٽي نه پئي ڏني وڃي، مونکي هاءَ ڪورٽ جي حڪم تي مليل سيڪيورٽي واپس ورتي وئي آھي، بار بار دانهون پئي ڪيان ته ڌمڪيون ملن پيون ، مظاهرين قوم پرستن، دادو جي باشعور عوام کان گهر ڪئي ته مان به سنڌ جي نياڻي آھيان مونکي انصاف ڏيارڻ لاء مدد لاء نڪري اچو مان اوهان جي نياڻي آھيان، انصاف جي حاصلات تائين احتجاج جاري رکيو ويندو.
