روهڙي(ن س) روهڙي جي ڳوٺ ڌڻي بخش ڪانڌڙو ۾ ڪانڌڙا برادري جي ماڻهن فقير منظور ڪانڌڙو، خالد حسين، محمد صوبل، ۽ فقير گلزار احمد ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪندي پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي، مظاهرين الزام هنيو آهي ته ٽي مھينا اڳ پٽڻي ٿاڻي جي حد اروڙ ٻنڊو چوڪي ڀرسان پيٽرول پمپ تي بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي چوري ٿي ويو آھي، ان واقعي جو پٽڻي پوليس کي اطلاع ڏنو پر پوليس مڃڻ لاءِ تيار نه ھئي جنھن بعد ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر پاران معاملي جي انڪوائري ڪرائي ۽ ثابت ڪيو ته ٽريڪٽر ٽرالي چوري ٿيو آهي، جنهن کان پوءِ پٽڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ،آھي ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي سکر، وٽ ويا آهيون ۽ پٽڻي ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ان باوجود پوليس ڪا به ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، مظاهرين چيو ته ٽريڪٽر جي ڊرائيور کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو جنهن کي ايس ايڇ او پنهنجي برادري جو ھجڻ ڪري ليتي ڏيتي بعد آزاد ڪري ڇڏيو، آزاد ٿيل ٽريڪٽر ڊرائيور اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اسان ڪورٽ سڳوري، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ٿا ڪريون ته ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري چوري ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي واپس ڪرائي ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو،
