سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس وچ ۾ اتحاد، گڏجي چونڊون وڙهڻ تي اتفاق

ڪراچي (بيورو) سنڌ ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ايس يو پي ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس اتحاد ڪري ورتو آهي. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي گڏيل جدوجهد ۽ ايندڙ چونڊون جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران سيد زين شاهه چيو آهي ته سنڌ ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سنڌ جو عوام اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيندو. جي ڊي اي اڳواڻن سردار رحيم، صدر الدين شاهه ۽ صفدر عباسي پاران اتحاد ۾ شامل ٿيڻ تي ايس يو پي جي آجيان ڪئي وئي. سيد صدر الدين شاهه ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته 2023 وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي ٽف ٽائيم ڏينداسين. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي وچ ۾ مفاهمت جو ياداشت نامو ڪيو ويو. جنهن موجب اسان سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت لاءِ ثابت قدم رهنداسين. اسان هميشہ خبردار رهنداسين ۽ بين الاقوامي قانون ۽ بين الاقوامي هيٺئين وهڪري جي حقن جي ضابطن موجب سنڌو درياهه، انڊس ڊيلٽا ۽ پاڻي جي وسيلن ۾ سنڌ جي حصي جي تحفظ کي يقيني بڻائينداسين. اسان سنڌ جي هڪجهڙائي ڊيموگرافڪ استحڪام ، قانون موجب حڪمراني ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ ان جي جمهوري حقن جي تحفظ ڪرڻ جي جدوجهد ڪنداسين. اسان ٻين علائقائي ٻولين ۽ اردو سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي تحفظ، واڌاري ، ترقي ۽ ان کي قومي ٻولي تسليم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪنداسين. اسان سڀني قومي وحدتن جي وسيلن تي انهن جي مالڪي ۽ اختيارين جي حاصلات لاء گڏجي جدوجهد ڪنداسين. اسان ثقافتي ورثي، مذهبي رواداري ۽ اقليتن جي برابري وارن حقن جي تحفظ ۽ واڌاري لاء گڏجي جدوجهد ڪنداسين. اسان قانون جي حڪمراني ۽ سٺي حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ جي جدوجھد ڪنداسين ۽ ظلم ۽ اقربا پروري جي مخالفت ڪنداسين. اسان سمورن وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي منصفانہ حصيداري ۽ وفاقي سطح تي سمورن ضروري فيصلن جو لازمي حصو بڻجڻ جو حق يقيني بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪنداسين. اسان سمورن انساني حقن جي تحفظ لاءِ بيٺا آهيون ۽ جدوجھد ڪنداسين، جنهن ۾ هر شهري جي فڪر ۽ عمل جي آزادي سان گڏوگڏ عزت ۽ وقار سان جيئڻ جو حق بہ شامل آهي. اسان ماحولياتي تبديلي جي بين القوامي پروٽوڪول جي حمايت ۽ ان تي عملدرآمد ذريعي سنڌ جي زمين، زندگي ۽ پاڻي جي آلودگي جي موجودہ خراب ماحول کان بچائڻ لاءِ تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيون ٿا، جيڪو بنيادي طور تي سنڌ جي عوام جي مفادن لاءِ نقصانڪار آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں