عمرڪوٽ ۾ اٽي جي اگهه ۾ هٿرادو واڌ خلاف پورهيتن جو احتجاجي مظاهرو

عمرڪوٽ(ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ اٽي جو ريٽ وڌڻ خلاف پورھيت طبقي جا ماڻھو رستن تي نڪري آيا روز مره جي مذدوري ڪندڙ ٺيلھي وارن، رازڪو ڪم ڪندڙ مذدورن سميت پورھيت طبقي جي ماڻھن اٽي جو اگھ پُھچ کان مٿي ھجڻ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري نعري بازي ڪئي ان موقعي تي مظاھرين اسماعيل ساند، شاھد ساند، چتون ڀيل، ارشاد ڪنڀار، فقير نور محمد، صالح ڀيل ۽ ٻين چيو ته اٽي جو اگهه وڌندو وڃي پيو گذريل پنج ڏينهن کان هڪ هزار روپيه مڻ تي وڌي چار هزار کان پنج هزار تي پھچي چڪو آهي غريب ماڻھو فاڪاڪشي ڪاٽي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن ٿي ويا آھن جيڪي مذدور روز جو 5 سئو رپيا ڏھاڙي ڪمائن ٿا اُھو اٽو وٺن يان ٻيو سامان وٺن، ھتي ڪڏھن مذدوري لڳي ٿي ڪڏھن ڪونٿي لڳي اٽو مھانگو ملڻ ڪري ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن پر اسان غريبن جي سار لھڻ لاء ڪوبه تيار ناھي غريب ماڻھو وڃي ته ڪيڏانھن وڃي انتظاميه، چونڊيل نمائندن ۽ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اٽي جا اسٽال لڳائي وڌيڪ ريٽ وٺندڙ خلاف ڪاروائي ڪري سستي ريٽ تي اٽو ڏنو وڃي ۽ وقت سر غريب مسڪين ماڻھن کي رليف فراھم ڪيو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں