قمبر(ڊ ر) قمبر جي ڳوٺ پيارو خان مغيري ۾ ٻه هفتا اڳ معمولي ڳالھ قتل ٿي ويل قربان علي مغيري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاڪ ڪتاب کڻي ڀٽوچونڪ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مقتول جي ڀاءُ لطف الله مغيري، سعيده خاتون ۽ پيءُ ماٺو خان مغيري، آصف مغيري، غلام عباس مغيري، عبدالحڪيم مغيري ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته صدر ٿاڻي جو ايس ايڇ او جوابدارن کان ڳري رشورت وٺي کين گرفتار نٿو ڪري جوابدار بااثر هجڻ ڪري آزاد گھمي رھيا آھن ھنن وڌيڪ چيو جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا ھنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
