اسلام آباد (بيورو) قومي سلامتي ڪميٽي پاران هڪ ڀيرو وري مُلڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي جڏهن ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مختلف فيصلن جي منظور پڻ ڏني وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم، سمورين سروسز جي چيفس، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، بچاءَ وارو خواجه آصف، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا وزير، انٽيليجنس ادارن جي سربراهه ۽ ٻيا عملدار شامل هئا. ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف فيصلا ڪيا ويا. اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ امن امان جي صورتحال، ٽي ٽي پي جي دهشتگرد ڪارروائين ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ حملن سميت پاڪ افغان سرحدي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي جنهن کانپوءِ دهشتگردن خلاف وڌيڪ آپريشن ڪرڻ واري فيصلي منظوري ڏني وئي. معاشي صورتحال تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار بريفنگ ڏني ۽ گذريل اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏني وئي، معاشي پاليسين جي حوالي سان جلد پڌرائي جاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ هر هر افغان عملدارن طرفان پاڪستاني سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي واري معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو جڏهن ته عسڪري اختيارين ان معاملي تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس شريڪ عملدارن چيو ته دهشتگردي خلاف چٽو موقف اختيار ڪيو وڃي، پاڪستاني رٽ کي هر هر چئلينج ڪيو ويندو آهي اهڙن عنصرن سان سختيءَ سان منهن ڏنو وڃي.
