ماحولياتي حالات سبب سنڌ ۾ گهڻي وڻڪاري جي سخت ضرورت آهي: گرين سنڌ فائونڊيشن

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ وڻڪاري مهم هلائيندڙ سماجي تنظيم گرين سنڌ فائونڊيشن جي سرواڻ ذوالفقار مگسي جي سالگرهه تقريب شهر جي جناح باغ ۾ ڪوٺائي وئي جتي تنظيم جي اڳواڻن باغ جي مالهين سان گڏجي ٻوٽا پوکي ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي تنظيم جي سرواڻ ذوالفقار مگسي چيو ته سال 2023ع کي گرين سنڌ فائونڊيشن، “وڻ لڳايو سنڌ سرسبز بڻايو” طور ملهايو ويندو، سالگرهه تقريب کي يادگار بڻائڻ لاءِ سنڌ ڌرتي کي سرسبز ڪرڻ لاءِ ٻوٽا پوکي پنهنجي خاص ڏهاڙن کي يادگار بڻايو وڃي. هن چيو ته موسمي اثرن ۽ ماحولياتي حالات سبب سنڌ ۾ گهڻي وڻڪاري، گرين بيلٽ، اربين فاريسٽ جي تمام سخت ضرورت آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں