ماٿيلو: کنڀي گم ڪيل 2 نوجوان نجي ٽارچر سيل مان هٿ

ماٿيلو(ن س) کينجھو پوليس ڌاڙيلن وارو طريقو اختيار ڪري ورتو آهي ان سلسلي ۾ گذريل ڏينھن صحافين خفيه اطلاع ملڻ بعد کينجھو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ساريو مھر جي ريگستان واري علائقي ۾ کينجھو پوليس پاران ھڪ وڏيري جي اوطاق تي قائم ڪيل نجي ٽارچر سيل تي ڇاپو هنيو ته پنج ڏينهن اڳ مبينا طور گم ٿيل پتافي برادري جا ٻه نوجوان غلام ياسين ، اڪرم علي زنجيرن ۾ جڪڙيل حالت ۾ ملي ويا جنھن بعد صحافين کي ڏسندي ئي موجود ٻه پوليس اهلڪار فرار ٿي ويا ان موقعي تي نجي ٽارچر سيل مان ھٿ آيل نوجوانن جو چوڻ هو ته 28 ڊسمبر تي ھو عدالت مان پيشي بعد جيئن ئي ٻاھر نڪتا ته کينجھو پوليس ۽ ميرپور ماٿيلو پوليس ڌاڙيلن وانگر اغوا ڪري اکين تي پٽيون ٻڌي ھتي قيد ڪري ڇڏيو آھي اھڙي قسم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد فوري طور تي ئي صحافين ۽ وارثن جي موجودگي ۾ ايس ايڇ او کينجھو جمشيد سيال پھچي ويو جيڪو صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ بجاء ٻئي نوجوان کنڀي ويو جيڪي آخري اطلاعن تائين پوليس جي قيد ۾ ھئا ايس ايس پي گھوٽڪي پاران ان سلسلي ۾ ڪو به شام ويندي تائين نوٽس نه ورتو ويو ھيو ٻي پاسي اھڙي قسم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد گھوٽڪي ضلعي جي سياسي سماجي اڳواڻن ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو آهي ان سلسلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ هو ته کينجھو پوليس ته ڌاڙيلن وارو طريقو اختيار ڪري ورتو آهي وارثن پاران پنجن ڏينھن کان نوجوان جي گمشدگي خلاف سوشل ميڊيا تي احتجاج ڪيو پيو وڃي پر ھي وري ڌاڙيلن وانگر ڀنگ وٺڻ جي انتظار ۾ ھيا ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته فوري طور تي ايس ايڇ او کينجھو کي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو..

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں