نواب ولي محمد (ن س) نواب ولي محمد ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ بدامني، منشيات ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان تنظيم پاران احتجاج ڪيو ويو ايس ٽي پي جي ايم ايس لاکو، عمران علي چانڊيو، ڏاڏو مهر، زاهد چانڊيو، علي نواز بروهي، الھ بچايو رند، تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ علاما عامر رضا قادري، دلدار علي رضوي، حافظ علي اڪبر رضوي ۽ ٻين قومي شاهراهه کان ريلي ڪڍي نواب ولي محمد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نواب ولي محمد ۾ گهڻي عرصي کان صفائي ناهي ٿي هر طرف گندگيءَ جا ڍير لڳل آهن، ڊرينيج ناليون ابتيون وهن پيون، گندگيءَ سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي، امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، بدامني ڏينهو ڏينهن وڌندي وڃي پئي، چوريون ڌاڙا ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، نواب ولي محمد پوليس ننڊ پيل آهي، هنن چيو ته سڄي علائقي ۾ منشيات سرعام هلي پئي جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، يونين ڪائونسل احمد ٻگهيو سميت 17 يونين ڪائونسل جي بجيٽ ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر بشير عمراڻي هڙپ ڪري ٿو وڃي پر صفائي سٿرائي تي خرچ نه ٿو ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته صفائي ڪرائي علائقي مان منشيات ۽ گندگيءَ جو آزار ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
