نوشهروفيروز( ڊ ر) شھر جي مصروف ٺاروشاھ چوڪ تان ھڪ ئي رات ۾ 5 دڪانن مان چوريون ٿي ويون. نامعلوم چور دڪاندار زاھد ڏنگراج، مسعود قريشي، سڄڻ سولنگي، محبوب کوسو ۽ محسن شاھ جي دڪانن جا تالا ڀڃي دوڪانن مان لکين روپيا روڪ ۽ سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. شھر ۾ بدنامي بدامنيءَ خلاف دڪاندار سراپا احتجاج بڻجي ويا. جنرل شاپ ڪيپرس ايسوسيئيشن جي سڏ تي شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي جنھن سبب شھر جا اھم ڪاروباري مرڪز ۽ بازارون بند رهيون. دوڪاندارن الله واري چوڪ تي ڌرڻو ھڻي بدامني خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي جنرل شاپ ڪيپرس ايسوسيئيشن جي اڳواڻن خالد سيف الله عباسي، غلام مصطفي راڄپر ۽ متاثر دوڪاندارن چيو ته نوشهروفيروز بدامني جي ور چڙهي ويو آھي. جنھن ڪري روزانو شھر مان چوريون ٿي رھيون آھن ۽ شھري عدم تحفظ جو شڪار آھن. ھنن چيو ته چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان ۽ رقم واپس ڪرائي وڃي، ٻيءَ صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
