ن ليگ نمبر پورا ڪرڻ ۾ ناڪام، پنجاب جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واپس

لاهور(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم خلاف بي اعتمادي رٿ واپس وٺي ڇڏي. ذريعن موجب ن ليگ پنجاب اسيمبلي ۾ نمبرز پورا نه هُجڻ سبب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ واپس ورتي آهي. واضح رهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي جماعتن ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائي هئي. اپوزيشن اتحاد اڳ ئي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي واري رٿ واپس وٺي چڪو آهي، ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 9 جنوري تي طلب ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ وڏو وزير اعتماد جو ووٽ وٺندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں