هڪ مسئلو ۽ هزار حل

رياض ابڙو
اها ڳالھ به ٺهڪي ٿي ته ”هڪ انار سو بيمار“ معني روايتي سياست کي درد رڳو ڪرسيءَ جو آ، اهي نه ٿا چاهن ته ڪرسي انهن جي هيٺان نڪري وڃي يا اهي بنيا اقتدار جي ۽ بي ڪرسيا ٿي وڃن ان ڪري سڀ حل ۽ ڦيڻا يا ڪرسي ماڻن جا فارمولا رڳو ڪرسي جي پائيداري لاءِ آزمايا ٿا وڃن يا سڀ حيلا وسيلا رڳو ”ڪرسي کپي“ جي لاءِ ڪيا ٿا وڃن، عوام جو درد ڪنهن وٽ ناهي، اها ڳالھ به چوڻ آسان آهي ته ملڪ ۾ مارشلا لڳندي يا ٽيڪنوڪريٽ سيٽ اپ ايندو ڇو ته ملڪ هلي ئي اسپيڪيوليشنز تي ٿو ۽ اهڙيون اهي سڀ ٽيڪنوڪريٽ ئي ڳالهيون ٿا ڦهلائن جن ۾ سچائي ناهي يا ٿي نه ٿيون سگهن، سڀ حل پنهنجي جاءِ تي پر مشڪل اها آهي ته ته جيڪي اسٽيڪ هولڊر آهن اهي سياسي هجن يا سماجي يا فوجي اسٽبلشمينٽ وارا هجن، انهن سڀني جي نظر ۾ حڪومت ڪرڻ جو حل رڳو اليڪشن ڪرائڻ آ، ان کان علاوه اهي سڀ ان ڳالھ جا حامي به آهن ته هي سيٽ اپ ڪنهن به صورت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري، يا اها مدت پوري ڪرڻ معني هاڻي ان ڪرسيءَ تي ويٺل سياسي پارٽي جي ڳالھ ناهي رهي پر اهو مدو پورو ڪرڻ آ جنهن کانپوءِ عام چونڊون ٿي سگهن ٿيون يا ممڪن آهن يا اها آئيني مدت مٿان اچي باقي ناممڪن آ ته چونڊون وچ ۾ ٿي پون يا ڪير ڪرائي به سگهي، ڇو ته هاڻي 80 ۽ 90 وارو دور ناهي رهيو ته جي پي پي کان اقتدار کسجي ته نيون چونڊون ڪرائجن يا نون ليگ جي حڪومت وڃي ته وري نئين سنئين اليڪشن ٿئي، ان ڪري جو هاڻي سياسي ٽرينڊ ۽ اسٽبلشمينٽ به مڪمل تبديل ٿي چڪا آهي ۽ هاڻي اها صورتحال ناهي رهي (پر بدلي جي سياست ناهي بدلي) يا هاڻي ملڪ ان ڳالھ جو متحمل ناهي رهيو ته هر ٻئي سال 50 ارب رڳو اليڪشن جي خرچ کاٻارن ۾ لڳائي سگهجن ۽ ان ڳالھ جي خاطري ڪرائجي ته ملڪ ۾ چونڊون صاف، شفاف ۽ غيرجانبدار ۽ آئين پٽاندر ٿيون آهن ۽ سڀ من ۽ عن ان ڳالھ کي مڃيو (پوءِ ٿين الائي نه يا ڪير مڃي الائي نه) پر اها روايت به اڃان ساڳي آهي ته جيڪو هارائيندو ان جي نظر ۾ اليڪشن ڌانڌلي واري هوندي، ان ڪري شيون ڪجھ ساڳيون به آهن يا ڪجھ بدليون ناهن يا بيلٽ باڪس واري راند هاڻي ايتري آسان ناهي رهي ڇو ته سوشل ميڊيا جي اک کلڻ کانپوءِ اهي بيلٽ باڪس جو چوريون چڪاريون ۽ ٺڳيون واضع ٿي ويون آهن، ڇو ته اهي ثبوت ڪٺا ڪري سگهجن ٿا ۽ لاڳاپيل ڌرين کي بدنام ڪري سگهجي ٿو جيڪا پريڪٽس گھڻي ڀاڱي ڪراچي جي چونڊن ۾ ڏٺي وئي هئي (يا هاڻوڪو ايم ڪيو ايمي پراڻن يارن جو اتحاد به ان ڳالھ جي ضمانت ناهي ڇو ته ”حُب علي ۽ بغض معاويا“ معني عمران خان جي ڪيرائڻ لاءِ هنن ايم ڪيو ايم جو اتحاد ضروري سمجهيو ته اهي ماڻهو ڪڏهن به گڏ نه ٿي سگهندا جيستائين انهن جي وچ ۾ فوجي اسٽبلشمينٽ يا اقتداري ڌر ٽياڪڙي نه ڪري پوءِ اها انهن جي ٽوڙڻ جي ڳالھ هجي يا هاڻي جوڙڻ واري ڳالھ هجي پر اها ڳالھ وري عام فهم هوندي ته انهن ايم ڪيو ايمي سياست جي آڏو فوجي اسٽبلشمينٽ جڏهن به پنهنجو ڪو اهڙو مفاد رکندي آ يا جنهن ۾ انهن جو ڪو مفاد هجي ته اهي ايم اڪيو ايمي ماڻهو وري پنهنجي ڊگهي مفادي لسٽ ڪڍي بيهندا آهن جنهن ۾ لالو کيتي قيادت جو پهريون مطالبو صوبي جو هوندو آ باقي ”ڪُل پِيران دا خير“ پر اها ڳالھ ماضيءَ ۾ به رهي آهي ته اهي ايم ڪيو ايمي ماڻهو پهرين پي پي جي ووٽ بيئنڪ يا اثر کي ٽوڙڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هيا ته جيئن پي پي مرڪز ۾ مضبوط سياست يا حڪومت نه ڪري سگهي يا صوبي اندر ئي ڪمزور سياست ڪري، يا هاڻي جڏهن عوامي زور جي زور آوري ڏٺن يا جڏهن ڪم ڪورٽن جي ”عمران خان جي نااهلي“ کان چڙهي ويو ۽ هنن کي اهو نظر آيو ته جيڪي ايم ڪيو ايم ٿڏي ڪڍيا ويا اهي هاڻي اسٽبلشمنيٽ جي ڳوٽ آهن ته جيئن پي ٽي آءِ جي زور کي گھٽائي سگهجي ٻيو ڪجھ به نه).
يا ائين چئون ته ايماندار اسٽبلشمينٽ ۽ زبردست سياست صاف شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊن جي ضمانت هجن ٿيون يا اها به حقيقت آهي ته جيڪا ڌر مخالفت ۾ آ مسئلو ان کي نظر ٿو اچي يا جيڪو اقتدار ۾ آ ان جي خواهش آ ته ان کانپوءِ يا انهن جي وڃڻ کانپوءِ ٻيو ڪو اقتدار کي نه چنبڙي ۽ سڀ مخالف ڌريون موافق ٿي پون جيئن عمران خان پنهنجي دور ۾ اها ڪوشش ڪئي هئي ته هو اهڙي ڊوائيس (ئي وي ايم) آڻي جيڪا انهن سڀني شين جو رڳو حل ڪڍي ڏيکاري ته اليڪشن هاڻي ڪير ٻيو نه کٽي سگهندو پر اهي کٽندا جيڪي صاحبِ اقتدار هوندا، ان ڪري اهي فارسيون ۽ عربيون رڳو انهن کي سمجھ ۾ پئي آيون جيڪي پڙهيل لکيل طبقا هيا ۽ جيڪي گھڻي ڀاڱي سياست جو حصو به ناهن هوندا، ان ڪري اها ڳالھ به ڳاٽي کان چڙهيل هئي ته جي نواڻ ان صورت آ ته پوءِ ”اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني“ ان ڪري اهڙي ڊوائيس ۽ جدت کان عوام توبھ توبھ ٿو ڪري جو عمران خان جي حڪومت ۾ جيڪي خوشحالي جا سورج اڀرڻا هيا سي لهي اوندھ ڪري ويا ۽ عوام اهو ئي ڌڙڪين ۾، ان ڪري هي به انهن پي ٽي آءِ جي ڪوڙن سياستدانن جي ڀائر ٻَڌو جيڪي پنهنجا واعدا وساري رڳو اقتداري ڪرسي کي چنبڙي پيا آهن.
سوال اهو آهي ته اهي ٽيڪنوڪريٽ حڪومت واريون ڳالهيون ڪير ٿو ڦهلائي يا ڪير ٿو ان ڳالھ جي پٺڀرائي ڪري يا ڪير ان ڳالھ جو ضامن آهي ته اهي شيون ٿينديون ڪيئن يا ڪير ڪندو يا چوندا آهن ته ”ٻلي جي ڳچيءَ ۾ گھنٽي ڪير ٻڌي“ جو خبر ته هجي ته ٿيندو ڇا يا ڪير ۽ ڪيئن ڪندو، ان ڪري اسان وٽ ملڪي تاريخ ۾ جيڪي به ايمرجنسيون لاڳو ٿيون به آهن ته اهي 90 ڏينهن کان وڌي 11، 11 سالن تائين هلنديون رهيون آهن جن ۾ فوجي اسٽبلشمينٽ جا آشرواد نمايان رهندا آيا آهن، ان ڪري هاڻي به جيڪڏهن ڪو ”انٽيرم سيٽ اپ“ اچي به ته اهي ڇا ڪندا يا ڪيئن ڪندا يا ڪير ڪرائيندن، ان ڪري قائم مقام سيٽ اپ جي اچي به ته اهو اليڪشن ڪرائيندو ٻيو ڪجھ به نه، پر هاڻي اهڙيون ڳالهيون پهرين به هيون ته صدارتي سيٽ اپ ٿو اچي ان ڪري ته خبر نه ٿي پئي ته ملڪ صدر جي هٿ وس آ يا وزيراعظم به ڪجھ آهي يا جيڪو وزيراعظم جنهن پارٽي جو آ اهو سڀ ڪرتا ڌرتا هجي ٿو يا اهو سڀ ڪجھ ڪري ٿو يا آلي نال هجي ٿو، ان ڪري ڳالھ اها به آهي ته سيٽ اپ صدارتي هجي يا وزيراعظم ۽ صدر ٻه ٻٽا سيٽ اپ هجن يا انهن جي ٽياڪڙي ڪنهن فوجي اسٽبلشمينٽ جو آشرواد هجي، پر انهن سڀني ڳالهين کان جي آجو ٿجي ته پوءِ حل ڇاهي؟ ان ڪري ته اسٽبلشمينٽ يا ٽيڪنوڪريٽ ڳالھ مڙئي ساڳي آ، پر هڪ ڳالھ اها ضرور آهي ته اهي عوامي نمائندا نه ٿا هجن، اهي سليڪٽيڊ نمائندا جيڪي رڳو مرڪز جي اڳواڻي يا سياست کي نوڪري سمجهي ڪندا رهندا آهن يا جيئن صوبي جا چيف سيڪريٽري هجن باقي پوءِ سياست کي پُوري رکجي يا ڇڏجي ته جيئن اهي وري ڪنهن اهڙي سياست جي ڳالھ نه ڪن جنهن ۾ فلورڪراسنگ هجي، جنهن ۾ ڪرپشن هجي، جنهن ۾ نيپوٽزم هجي جنهن ۾ اقرباپروري هجي يا جنهن ۾ نانيءَ ويڙهو هجي ٻيو ڪجھ به نه.
پر اها ڳالھ به مڃن ته هي سرڪار به عمراني سرڪار جي ڪوڙن واعدن کان به چڙهي وئي آ ڇو ته جنهن وزيراعظم پهرين ڏينهن اها ڊاڙ هنئي هئي ته هو پنهنجا ڪپڙا به وڪڻي ماڻهن کي سستو اٽو فراهم ڪندو اتي اها ئي سرڪار هارين کان سستي اگھ تي ساريون ۽ ڪڻڪ وٺي وري ٻيڻي ۽ ٽيڻي اگھ تي اٽو فراهم ٿي ڪري يا زندگي به ڪلاسيفائيڊ ڪري ڇڏي اٿن، جو هڪڙا اٽي ڪان آزرت آهن ته ٻيا عياشيون پيا ڪن يا هڪڙن کي دال روٽي به نصيب ناهي ته ٻيا وري بيروني دورن ۾ پورا آهن ان ڪري هي به اها ٿا ڳالھ ڪن جيڪا پوري ڪري سگهن يا اسحاق ڊار ته اٿندي ئي چيو هيو ته ڊالر کي ڪيرائڻ هن جي کٻي هٿ جو کيل آهي ته پوءِ اهو کيل هاڻي ڪاڏي ويو، يا هاڻي اهي واعدا وچن ڪاڏي ويا اسان نه ٿا چئون اهي ته اهو 70 واري ڏهاڪي وارو اٽو، لٽو ۽ اجھو نه کپي پر سستو ته ممڪن ڪيو يا اهو غريبن جي جيئندان لاءِ برآمد ڪيو ته جيئن غريب زندگي جي سگهي، اڳوڻي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شهباززيدي جي ان ڳالھ ۾ ڪو وزن ناهي ته هاڻي ملڪ ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي حڪومت ايندي، پر جي اهو آيو به ته اهو سيٽ اپ عارضي هوندو، پوءِ اهو ڪير به آڻي پر دائمي بنيادن تي اها ڳالھ ڪرڻ غيرآئيني ۽ غيرفعال آ ته هي حڪومت ويندي ته پوءِ ڪير به حڪومت نه ڪري سگهندو پر اها ڳالھ چئي سگهجي ٿي ته اهڙي بي چيني شروع کان آيل آ يا جڏهن ملڪ ٺهي جڙي راس ٿيو ته اهي ڳالهيون به پختيون ٿي ويون هيون، ان ڪري جو ان ڳالھ ۾ ڪا صداقت ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿي ڇو ته جڏهن حڪومت کي ڳاٽي کان ڳالھ چڙهي ٿي وڃي ته اهي اهڙيون ڳالهيون ڦهلائن ٿا ته جيئن ٽائيم پاس ٿئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں