چوهڙ جمالي ۾ پ پ )ش ڀ( جو مهانگائي خلاف احتجاج

چوهڙ جمالي(ن س)چوهڙ جمالي پ پ شھيد ڀٽو تعلقي شاهبندر جي صدر سيد گل حسن شاھ ۽ محمد موسي بروهي وڌندڙ مهنگائي خلاف چوهڙ جمالي پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي ڇيو آھي ته موجوده سرڪار عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ڏينهون ڏينهن تيزي سان وڌندڙ مهنگائي سبب ملڪ جو عوام خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھي کاڌي پيتي جي چيزن جا اگھ چوٽ چڙھي ويا آھن جنهن جي ڪري ڏھاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت طبقو فاقه ڪشي تي مجبور آھي اٽو مهانگو ڪري عوام کي موت جي منهن ۾ ڌڪيو ويو آھي جڏھن ته حڪومت سان گڏوگڏواپارين به غريب عوام کي لٽڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آھي هنن وڌيڪ چيو ته پ پ ۽ مسلم ليگ ن وڌندڙ مهنگائي تي ڪنٽرول نه ڪيو ته پ پ شھيد ڀٽو پاران احتجاج جو سلسلو تيز ڪري عدالت جو در کڙڪايو ويندو هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري ملڪ جي غريب عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں