ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) ڪنڌڪوٽ جي يوسي ڪنب جي برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڪنڌڪوٽ ڊي سي آفيس آڏو يوسي ڪنب جي برسات متاثرن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪندڙن فدا حسين محمداڻي،رجب جکراڻي،حاجي آندل جکراڻي،غلام سرور جکراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي يوسي ڪنب ۾ گذريل 4 مهينن کان وٺي برسات جو پاڻي بيٺل آهي هن وقت تائين اسان جي ڪنهن به سار نه لڌي آهي ۽ اسان جي يوسي ڪنب سروي به هن وقت تائين نه ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي يوسي ۾ ڪا رليف ڪئمپ به هن وقت تائين نه لڳائي وئي آهي اسان فاڪا ڪشي ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون ۽ اسان جو ڊي سي ڪشمور منور علي ميٺاڻي ۽ مخلتلف اينجيوزون وڏيرن جي اوطاقن تي امداد پهچائي وڃن ٿا.احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن مطالبو ڪيو ته اسان جي يوسي ڪنب جي سروي ۽ پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، اسان کي کاڌي پيتي جو سامان فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
