اين سي ايڇ ڊي جي فيلڊ آفيسر جبري بدلي خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي

حيدرآباد(پ-ر)اڄ سنڌ هاء ڪورٽ حيدرآباد بينچ منسٽري آف فيڊرل ايجوڪيشن اين سي ايڇ ڊي  سانگهڙ  ضلعي جي فيلڊ آفيسر دريا خان عمراڻي غير قانوني جبري بدلي خلاف درخواست هاءِ ڪورٽ جي وڪيل غلام علي ٽالپر جي معرفت فائل ڪرائي ڇڏي ياد رهي ت هن کان اڳ سانگهڙ ضلعي جي فيلڊ آفيسر مشتاق علي ٽالپر غيرقانوني جبري بدلي خلاف پٽيشن داخل هئي جنهن جو هاء ڪورٽ سڳوري غيرقانوني آرڊر قرار ڏئي بدلي جو آرڊر سسپينڊ ڪري ڇڏيو  پٽيشن ۾ اين سي ايڇ ڊي جي لاڳاپيل آفيسرن 11جنوري تي جواب داخل ڪرڻ لاء طلب ڪري ورتو. ياد اين سي ايڇ ڊي جا آفيسر منسٽري کي باء پاس ڪري منسٽري آف فيڊرل ايجوڪيشن جي ريگيولر فيلڊ آفيسرن جا غيرقانوني طور بدلي ڪري اختيارين جو ناجائز استعمال پئي ڪري.جيڪي خد اين سي ايڇ ڊي جا آفيسر  نان ڪميشن ۽ غير قانوني طور مڙھيل آھن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں