اڏيرولال(ن س) اڏيرولال اسٽيشن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ نياڻي شازيه بهلم زال جاويد بهلم جي اغوا وارو معاملو سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. جمعيت علماءِ اسلام جي صوبائي اڳواڻ ياسين سمون، عبدالقيوم جوڳي، عدنان بهلم، علي شير ڇٽو، مولانا عبدالقيوم جوڳي، مبين خاصخيلي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته اڏيرولال اسٽيشن پوليس ڪيس داخل ٿيڻ جي باوجود هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود به جوابدار ڪيلاش ميگهواڙ، حنيف کوسو ۽ ٻين کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. جي يو آئي اڳواڻن پوليس تي الزام هڻندي چيو ته پوليس وڏي رشوت وٺي جوابدارن جي ڌر بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته ايس ايس پي مٽياري کي دانهن ڏيڻ جي باوجود به ڪوبه کڙتيل نه نڪتو آهي. پوليس صرف ڪوڙا دلاسا ڏئي رهي آهي. هنن ايس ايس پي مٽياري کي چتاءُ ڏيندي چيو ته ٽن ڏينهن اندر جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته جمعي کان ايس ايس پي مٽياري، ڊي آئي جي حيدرآباد جي آفيسن کان سواءِ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻڻ سان گڏ اوڏيرولال اسٽيشن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي ۽ جيستائين جوابدارن خلاف سخت قدم نٿا کنيا وڃن تيستائين احتجاجي ڌرڻا جاري رهندا.
