بدين (ڊ ر) بدين نندو روڊ تي ڳوٺ سونو سيال جي ڳوٺاڻي محمد جمن سيٺارپنهنجي زخمي ڌي شھنيلا سيٺار ۽ ڳوٺاڻن سميت بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو زخمي شھنيلا پيرسن پي محمد جمن سيٺار صحافين کي ٻڌايو ته 5 نومبر جي رات سندس نياڻي شھنيلا جي مڙس الھڏنو سيٺار ۽ عاشق سيٺار کيس گوليون ھڻي زخمي ڪيو ھو جنھن جو ڪيس داخل ھجڻ جي باوجود نندو پوليس بااثر جوابدار عاشق سيٺار کي گرفتار نه ڪيو آھي جنھن ڪري ھو کين ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ھنن آء جي سنڌ ۽ ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو ته سندس نياڻي شھنيلا تي قاتلاڻو حملو ڪري گوليون ھڻي زخمي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف ۽ ثحفظ ڏياريو وڃي
