حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ شادي هالز رات 10 وڳي ۽ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت توانائي بچت پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ شادي هالز رات 10 وڳي ۽ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن توانائي بچت بابت اهم فيصلن جي  منظوري ڏني وئي. اجلاس کانپوءِ  وفاقي وزيرن طرفان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي وئي جنهن  ۾ وفاقي ڪابينا پاران ڪيل فيصلن بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويو.  بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو توانائي بچائڻ لاءِ ملڪ جي سمورن سرڪاري ادارن ۾ 30 سيڪڙو بجلي جو استعمال گهٽايو ويندو، ان منصوبي سان ساليانو ٻاهٺ ارب رُپين جي بچت ٿيندي. خواجا آصف چيو ته سڄي دنيا ۾ جنهن وقت مارڪيٽون بند ٿينديون آهن، پاڪستان جي روٽين ان کان مختلف آهي، هتي مارڪيٽون ۽ ريسٽورينٽس هڪ، ٻه وڳي تائين کُليل هوندا آهن، آفيسن جو به اِهو ئي حال آهي، انڪري زندگي جي طور طريقن کي بدلائڻ جي ضرورت آهي، اسان جون عادتون ۽ طور طريقا دنيا کان مختلف آهن. هن چيو ته پهرين جولاءِ کانپوءِ بجلي تي هلندڙ پکا تيار نه ڪيا ويندا، اسان گرمين ۾ 29 هزار ميگا واٽ بجلي استعمال ڪيون جيڪا سياري جي ڀيٽ ۾ 17 هزار ميگاواٽ وڌيڪ آهي جڏهن سياري ۾ اسان 12 هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهيون، گرميءَ کان بچڻ لاءِ اسان 18 هزار ميگاواٽ استعمال ڪندا آهيون جنهن مان رڳو پکا ٻارنهن هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهن، انڪري بجلي جو استعمال گهٽائڻ لاءِ پروگرام ٺاهي رهيا آهيون، اسان هڪ پروگرام تي عمل ڪري رهيا آهيون ته جيئن پکن ذريعي بجلي جو استعمال گهٽايو وڃي. خواجا آصف چيو ته پهرين فيبروري کان غير معياري بلب تيار نه ڪيا ويندا ۽ ائين ڪرڻ سان 22 ارب رُپين بچت ٿيندي جڏهن سرڪاري ادارا بجلي جي بچت لاءِ ايفيشيئنٽ ڊيوائسز جو استعمال ڪن، غير اثرائتن ڊيوائسز تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. موٽر سائيڪلن جي استعمال بابت خواجا آصف چيو ته مُلڪ ۾ ساليانو ٽي ارب ڊالرز جو تيل موٽر سائيڪل ۾ استعمال ٿي رهيو آهي، جنهن تي ڪابينا اِهو فيصلو ڪيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ اليڪٽرڪ بائيڪس متعارف ڪرايون وينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں