دادو (ڊ ر)پيپلز ميڊيڪل نواب شاھ جي شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند جي دادو پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال کي 48 ڪلاڪ گذري ويا، ڪئمپ تي پروين ڳالهائيندي چيو ته منهنجو به ڪڏهن پکي ۾ ٽنگيل لاش ملندو، حياتي کي خطرو آهي، منهنجي تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي،وڏي وزير کي سڄي صورتحال جي خبر هوندي به مون سان انصاف ناهي ٿي سگهيو، هٿياربندن ڌمڪيون ڏنيون ته گهر کان ٻاهر ڪاڏي به ويئو ته اوهان کي مارينداسين، خاندان کي زندگي جو خطرو آهي 5 جنوري تي دولتپور جي عدالت ۾ ٻڌڻي آهي مونکي اها خبر ناهي ته مان اتي پهچي سگهندس يا نه؟ هي منهنجي اڪيلي جي جنگ ناهي، يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ نياڻين کي پکن ۾ لٽڪائي ۽ اهو چيو ويندو آهي ته خودڪشي آهي اها خودڪشي ناهي انهن کي قتل ڪيو ويندو آهي.
