سنڌ ۾ اٽي جو بُحران ڇا غريب ماڻھو هاڻ زهر کائين؟

محمد اسماعيل لانگاھ
سنڌ صوبي جي اهڙي ته قسمت ڦٽل آهي جو هر مصيبت پوء اها قدرتي هجي يا هٿرادو بس بار مڙئي غريبن مٿان اچي ٽُٽي ٿو، موجوده پ پ وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي ۽ جڏھن عمران سرڪار ٿوري مهانگائي ڪئي ته سڄي سنڌ ۾ پ پ ٽريڪٽرن تي چڙھي عوام کي بيوقوف بڻايو ته عمران سرڪار ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي جيڪڏھن عوام کي بچائينداسين ته اسان ۽ عمران سرڪار ان بهاني هٽائي وئي ته غريب عوام سرڪار جي پيدا ٿيل مهانگائي جي سٽ برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ ھن وقت جيڪو ظلم شروع ٿي ويو آهي ڇا سنڌ جي اندروني مسئلن جو عمران خان ذميوار آهي؟ هن وقت سڄي سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ جون دانهون اچي رهيون آهن برساتن ۽ ٻوڏن جي ماريل مسڪين ماڻھن کي سنڌ سرڪار جي ويٺل منافعي خور مافيائن هٿان وڌيڪ نپوڙڻ جو پروگرام جوڙيو آهي سنڌ حڪومت ڏسي به پئي ۽ ڪُجھ سياسي توڙي غيرسياسي جماعتن جي اهم اڳواڻن طرفان بيان جاري ٿي رهيا آهن ته اٽو موجود آهي انجو ڪوبه بُحران ڪونهي 65 رپيا سرڪاري ريٽ آهي ته پوء غريب عوام سان جيڪو هي ظلم ٿي رهيو آهي ڇا هن جي ذميوار حڪومت ناهي جنهن پ پ عمران سرڪار ڪيرائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ڇا انکي پنهنجي صوبي جي عوام سان ٿيندڙ ھي ظلم نظر نه پيو اچي هڪ طرف غريب عوام کي ٻوڏن برساتن بيمارين ناقابل تلافي نقصان پهچايو ۽ ٻي طرف اٽي جي کوٽ ۽ عوام جون آنهون دانهون ٻُڌڻ ۾ نه پيون اچن عمران سرڪار ۾ غريب کي جيڪو اٽو سئو ۾ ٻه ڪلو ملندو اهو هاڻ ڏيڍ سئو رپيا ڪلو ٿي ويو آهي آخر مسڪين عوام جوحق سستو اٽو به ناهي ڇا؟ تازو جي يو آءِ سنڌ جي سربراه مولانا راشد محمود سومرو بيان جاري ڪيو آهي ته جيڪڏھن سنڌ۾ جلد اٽي جو اگھ نه گهٽايو ويو ته سي ايم هائوس سنڌ جو گهيراءُ ڪنداسين ۽ مولانا راشد محمود سومرو جي يو آء ف جو اهم اڳواڻ آهي ۽ انجو مرڪزي سربراه فضل الرحمان موجوده وفاقي حڪومت جو ماسٽر مائينڊ سمجهيو ويندو رهيو آهي، راشد محمود سومرو جو هي بيان ان ڳالھ جي عڪاسي ڪري ٿو ته سنڌ ۾ اٽي جو هي بُحران پ پ حڪومت جي نااهلي آهي جيڪڏھن چئني صوبن ۾ اٽي جو بحران هجي هاته سنڌ حڪومت کي شايد اهڙو سخت ايلٽيميٽم نه ڏئي ها ڇو ته جي يو آء ف وفاقي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي اهڙو بيان هڪ اهم اڳواڻ سوچي سمجهي ڏئي ها سو ڳالھ اها آهي ته پ پ اٽي بُحران ۾ ملوث آھي حڪومت جون آخر هي ناقص پاليسيون غريب عوام جي ڳچيء ۾ ڪيستائين وڌيون وينديون، جيڪڏھن حڪومت کي خبر آهي ته هي ڪا سازش آهي ته ڇا هن سازش کي منهن ڏيڻ يا قانون کي متحرڪ ڪرڻ جي به وصيعت حڪومت ۾ ناهي ٻيو ته ڪُجھ عوام کي نه پيو ملي جيڪڏھن اٽو به انهن لاء مهانگو ڪيو ويو ته ڇا هو زهر کائيندا سوچڻ جي ڳالھ آهي ته هن وقت سنڌ جي عوام سخت غربت جي لڪير هيٺ گذري پئي ۽ حڪومت کي غريب عوام جي تڪليفن جو فوري نوٽس وٺڻ گهرجي هن وقت نه صرف اٽو پر کائڻ پيئڻ جي هرشي مهانگي ٿي وئي آهي ۽ اٽي جي کوٽ کي ڏسي اندازو لڳائجي ٿو ته هنن سڀني سازشن ۾ حڪومتي گروھ شامل آهي جنهن ۾ ضلعي حڪومتن جا ڊي سيز به ملوث آهن جيڪي حڪومت جا غريبن جا خيرخواه طور مقرر ٿيل نمائنده سمجهيا وڃن ٿا اسين اهو سوال پڇڻ حق بجانب سمجهون ٿا ته ڇا ڊي سيز. اي سيز صرف پنهنجون ڪرسيون سنڀالي ويٺل آهن انهن جي ٻي ڪابه زميواري ناهي ها جي آهي ته هو سنڌ حڪومت جي ڪنهن آرڊر جي انتظار بغير فوري طور اٽي جي منافعي خورن خلاف ائڪشن کڻن ۽ عوام سان هي ظلم فوري طور بند ڪرائن، ٻي صورت ۾ جيڪڏھن اٽو سستو نه ٿي سگهيو ته سنڌ جي غريب عوام جي جيڪا حالت آهي ته اجتماعي خودڪشين جو رجحان وڌندو يا ته ماڻھون زهر کائڻ کي ترجيح ڏيندا جنهن جي ذميوار پ پ سرڪار ۽ ضلعي حڪومتون هونديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں