قمبر ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو پيادل مارچ ۽ ڌرڻو

قمبر(ڊ ر)وارهه کان ڊپٽي ڪمشنر قمبر جي آفيس تائين ٻوڏ متاثرن جو پيدل لانگ مارچ ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اڳواڻن محمد صلاح چانڊيو،محمد رمضان چنو،محمد صديق مڱڻيجو،جاويد چانڊيو،فيروز ٻگيو ۽ ٻين چيو ته واره جي ٻوڏ متاثر علائقن لطيف ڪالوني،مٺا ڪالوني ۾ گذريل ٻوڏ ۾ گهر،چوپايو،فصل پاڻي هيٺ اچي ويا هئا جنهن ڪري تمام گهڻي تباهي ٿي وئي هن وقت اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه بچيو انتظاميا اسان جي واهر نه ڪئي آهي نه ئي اسان جا علائقا ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ شامل ڪيا ويا آهن،ٻوڏ متاثرن سان ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته اوهان جا جائز مطالبا پورا ڪيا ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں