ملير(ڊ.ر) ملير جي قاسم ٽيڪسٽائل گارمنٽس فيڪٽري مان 6 مهيني ۾ ساڍا چار سئو پورهيتن کي جبري برطرف ڪرڻ خلاف ضمير مشوري، عابد چاچڙ، دلبر گبول، ساجد گوريلو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قاسم ٽيڪسٽائل مان صرف مقامي سنڌي پورهيتن کي برطرف ڪيو پيو وڃي گذريل هفتي به 12 پورهيت عورتن سميت 20 ماڻهن کي جبري برطرف ڪري سندن گيٽ بند ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته ملير جي انڊسٽريل ادارن ۾ هڪ سازش تحت مقامي ڳوٺن جي ماڻهن لاءَ روزگار جا دروازا بند ڪيا پيا وڃن، قاسم ٽيڪسٽائل مان وڏي تعداد ۾ پورهيتن جو برطرف ٿيڻ به ان سلسلي جي ڪڙي آهي،سنڌي ماڻهن کي خانگي ادارن به روزگار نه ٿو ڏنو وڃي جنهن سان مقامي آبادي جا نوجوان بيروزگار ٿئي رهيا آهن، هنن چيو ته اسان واضع ٿا ڪيون ته هڪ هفتي اندر پورهيتن کي بحال نه ڪيو ويو ته قاسم ٽيڪسٽائل جي مين گيٽ تي ڌرڻو هڻي علامتي بک هڙتال ڪئي ويندي، ان ڌرڻي ۾ شرڪت جي لاءِ قومپرست ڌرين کي پڻ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪنداسين، ڪراچي ۾ خانگي ڪمپنين ۾ روزگار جا دروازا بند ٿيڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين.
