ملڪ ۾ عام چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون:ريحانه لغاري

دڙو (ن س) دڙو ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ۽ پ پ ضلعي سجاول جي جنرل سيڪريٽري ريحانہ لغاري مھتاب ڀٽو پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تہ عمران خان نيازي جي ماضي واري حڪومت ملڪ جي معشيت جي ستياناس ڪري ڇڏي آھي، وفاق ۾ اتحادي حڪومت ملڪ کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ لاء وڌ کان وڌ ڪوششون وٺي رھي آھي، عمران خان جي ڪوڙ ۽ ٺڳي واري سياست منظرعام تي اچڻ بعد عمران ھاڻي صادق ۽ امين ناھي رھيو، ملڪ ۾ عام چونڊون پنھنجي مقرر وقت تي ٿينديون. ھن چيو تہ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مختلف ڌڙن جي گڏجڻ سان پ پ جي ووٽ بئڪ تي ڪوبہ فرق نٿو پوي، پ پ ڪراچي ۽ حيدرآباد مان اڳ بہ وڌيڪ سيٽون کڻندي، ھن چيو تہ  پ پ سجاول ضلع جي تنظيم ۾ ڪي بہ اختلاف ناھن. سمورا اسٽيڪ ھولڊر پ پ قيادت جي حڪم تي ھڪ ئي پيج تي گڏ آھن. سجاول ۽ ٺٽو ضلعو ھميشہ پ پ جو مضبوط قلعو رھيا آھن. ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ ٻنھي ضلعن مان مخالفن جو مڪمل صفايو ڪندي، ھن چيو تہ پ پ حڪومت عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلن جو مڪمل احترام ڪري ٿي، 15 جنوري تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جا سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ غلام مصطفي لغاري، مير شعبان بڪڪ، شفيع لغاري، چاچا محمد خان جماڻي، نواب لغاري، عثمان سومرو، ڪامران ميمڻ، اختر ڪڇي، نظام بڪڪ ۽ ٻيا موجود ھئا. جڏھن تہ ڊپٽي اسپڪر ريحانہ لغاري دِڙو لڳ ڳوٺ قاسم شورو، ڳوٺ يار محمد ڀنڀرو ۾ سيندل شورو، پير محمد شورو، صالع ڀنڀرو، نياز ڀنڀرو جي آجياڻي ۾ شريڪ ٿي، ۽ سوڀاري درس سان والد جي وفات تي تعزيت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں