نوابشاهه(ڊ ر) تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ مير خان کوسو جي رھواسي پيرسن غلام قادر کوسو پنهنجي گھر ڀاتين خير خاتون، بينظير، ذواليخان، جاويد ۽ ٻين سان گڏ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته تازين برساتن سبب ٻوڏ جي پاڻي کان بچڻ لاءِ اسان پنھنجي ڳوٺ کي بند ڏنو ۽ ان جي مٿان لوڙھو ڏنو ته جئين چوري کان بچي سگھون، ته پوليس اھلڪار حاڪم علي، نياز علي، منظور علي، معشوق علي، آفاق علي ۽ زبير کوسو ھٿيارن سان اچي اسان جي گھرن کي ڏنل لوڙھو پٽي ڇڏيو ۽ لڳل سولر پليٽون به پٽي اڇلائي ڇڏيون، ھن چيو ته اسان جي منع ڪرڻ تي مذڪورہ جوابدارن ھٿيارن تاڻي موتمار ڌمڪيون ۽ اسان کي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ۽ اسان خلاف قاضي احمد ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي، ھن چيو ته مذڪورہ بااثر منھنجي پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا جنھن جي ڪري جو مونکي مختلف طريقن سان ھيسائيندا رھن ٿا، ھن چيو ته مان غريب آھيان منھنجي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي جڏهن پوليس کي شڪايت ڪئي ليڪن پوليس به منهنجي ٻڏڻ لاءِ تيار نه آهي، ھن مطالبو ڪيو ته مذڪورہ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي.
