ٺارو شاهه(ن س) ٺاروشاھ پوليس جي ايس ايڇ او ٺاروشاھ محمد حنيف مهر ميڊيا کي ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ ڳوٺ مٺو سيال مان 10 کان مٿي هٿياربند ناري رضوانا سيال کي اغوا ڪري ويا هئا جنهنجي بازيابي لاءِ مختلف هنڌن تي چڙھايون پڻ ڪيون جڏھن ته اڄ جوابدار منور سيال ۽ ٻيا ناري رضوانه سيال کي ڪنڊيارو لنڪ روڊ تان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنڻي ناري رضوانا سيال کي بازياب ڪرائي ورتو آھي جڏهن ته جوابدار ناري کي ڇڏي فرار ٿي ويا جڏهن ته سڀاڻي (اڄ ) ناري رضوانا سيال عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ 15 کان مٿي جوابدارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو جڏهن ته بازياب ٿيل ناري رضوانا سيال ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار منور سيال ۽ ٻيا هٿيارن جي زور تي مونکي پنهنجي ڳوٺ مٺو سيال مان فائرنگ ڪري اغوا ڪيو ۽ منهنجي ڀاءُ ساگر کي زخمي ڪيو جڏهن ته منور سيال هٿيارن جي زور تي جبري نڪاح ڪيو ۽ پوليس جي خوف کان مختلف جاين تي لڪائيندا رهيا اڄ ٺاروشاھ پوليس مونکي بازياب ڪرايو ۽ جوابدار تشدد ڪندا هيا
