ٻوڏ ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آھن،متاثرن جي بحاليءَ ۾ وقت لڳندو:بلاول ڀٽو زرداري

دادو (رپورٽ علي گوھر سومرو)پيپلز پارٽي چئرمين، وزير خارجه بلاول ڀٽو زرداري سيتا وليج پ پ اڳواڻ سيد محمد شاهه وٽ پهچي ويو، وزير خارجه چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي اسان جي اولين ترجيح آهي،ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آھن. پاڪستان جي ٽي حصا زمين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي آھي. بلوچستان ۽ سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ اڃا به ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي. هي قيامت کان اڳ قيامت هئي، قدرتي آفت کان گذريا آهيون، بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي موجود آهي، جتان پاڻي نڪري چڪو آهي اتي تباهي ئي تباهي آهي، لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ طالبان کي ڀتو ڏنو پيو وڃي جڏهن ته عمران خان بيان ڏنو آهي ته اسان طالبان کي هتي رهايو آهي. دادو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مُلڪ ۾ تازي ٻوڏ تاريخي تباهي آندي ۽ اڄ تائين ٻوڏ متاثر ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن وٺي شرم الشيخ تائين سڄي دنيا چئي رهي آهي ته پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻوڏي ويو آهي، هي قيامت کان پهرين قيامت آهي، اسان ان قدرتي آفت مان گذري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪُجهه علائقن ۾ اڃا تائين پاڻي موجود آهي، جتان پاڻي نيڪال ٿي چڪو آهي اتي تباهي ئي تباهي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته زراعت ۽ گهرن سميت هر شعبي ۾ بحران پيدا ٿي ويو آهي، صحت جو ڍانچو تباهه ٿي ويو، رڳو سنڌ ۾ ئي نه مُلڪ جي ٻين علائقن ۾ به تعليم کي نقصان پهتو پر رڳو سنڌ ۾ پنجاهه سيڪڙو تعليمي ادارا تباهه ٿي ويا آهن، وسيلا گهٽ آهن، ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙن جي بحالي وارو مشن پورو ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ڪي پي ۾ طالبان کي ڀتو ڏنو پيو وڃي، عمران خان ٽي وي تي بيان ڏنو آهي ته اسان طالبان کي هتي آڻي رهايو، دهشتگردن خلاف ويڙهه کٽڻ کانپوءِ اي پي ايس سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي بنا پڇڻ جي آزاد ڪيو ويو، دهشتگردن کي نه مان معاف ڪندس نه قوم معاف ڪندي. بلاول اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ ڀاڱي ٽي مُلڪ ٻوڏ ۾ ٻڏي ويو پر عمران خان پنهنجي انا ۽ ضد کان نه مڙيو، اهڙو ماڻهو عوامي نمائندگي لاءِ اهل ناهي. هن وڌيڪ چيو ته شاهه محمود ۽ پرويز خٽڪ جهڙا ماڻهو به استعيفائن جي تصديق لاءِ  نه آيا ته ٻيا ڪيئن ايندا، اهڙن ماڻهن جا نالا ٻڌائي سگهان جيڪي اسپيڪر جي پيرن ۾ ڪِريا پيا آهن. ان کان اڳ ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق دادو ضلعي اندر آيل ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ٻوڏ جي تباھ ڪارين بابت وزير خارجه کي بريفنگ ڏني.جنهن بعد چانڊيا هائوس تي چانھ پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، بعد ۾ سيتا روڊ پهچي اڳوڻي وفاقي وزير ريلوي مرحوم حاجي ظفر لغاري جي پٽن ايم اين اي عرفان لغاري، عمران ظفر لغاري ۽ ڀاء قمبر لغاري سان تعزيت ڪئي،ان موقعي تي وڏو وزير سيد مراد شاھ، ناصر شاھ، شرجيل ميمڻ،ايم پي اي پير مجيب الحق،ايم اين اي عرفان لغاري،ايم پي اي سيد صالح شاھ، صوبائي صلاحڪار فياض بٺ، ايم پي اي سجيلا لغاري، ڪلثوم چانڊيو، ڊي آء جي پير محمد شاه،ايس ايس پي دادو ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں