حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)سافڪو طرفان نئين سال 2023 جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي سافڪو جي باني ۽ سرواڻ سليمان جي ابڙو چيو ته 2022 دنيا لاءِ بحرانن جو سال رهيو، طوفاني برساتن ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي ملڪ جي 40 لک ايڪڙ زرعي زمين جنهن ۾ 38 لک ايڪڙ سنڌ جي زمين شامل آهي پاڻي هيٺ اچي وئي. ڪووڊ، يوڪرين جنگ ۽ ماحولياتي تبديلين دنيا ۾ مهانگائي وڌائي ڇڏي آهي، جنهنجا پاڪستان تي به سنگين اثر پيا آهن. ان ڪري حڪومت سميت سمورين ڌرين کي هم خياليءَ سان معاشي ترقي ۽ خوشحاليءَ جون پاليسيون جوڙي انهن تي عمل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ آيل برفاني طوفان ۽ سخت گرمين ماحولياتي تبديلين جو نتيجو آهن ۽ انهن جا اثر اڃا به پاڪستان تي پوڻ جا سگھارا امڪان آهن، ان ڪري حڪومت سميت لاڳاپيل سمورين ڌرين کي مالي ۽ ماحولياتي حڪمت عمليون جوڙيون پونديون. هن چيو ته ڪووڊ ۽ ماحولياتي تبديلين کي زندگيءَ جو حصو سمجھي تيار رهڻو پوندو، سافڪو کي به ان لاءِ اڳواٽ تياري ڪرڻي پوندي ۽ لچڪدار پاليسيون جوڙڻيون پونديون. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته 2022ع سموري ملڪ لاءِ مشڪل سال هيو، ان سال ۾ اسان کان جيڪي گھٽ وڌايون رهجي ويون آهن، نئين عزم سان انهن کي ڪاميابين ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪوشش ڪنداسين. تقريب کي بشير احمد ابڙو، رميز اقبال ميمڻ، هريش ڪمار، اختر ملاح، ارسلا انجم، اقرا ۽ ٻين به خطاب ڪيو. آخر ۾ نئين سال جو ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو.
