ايم ڪيو ايم وفد جي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات

ڪراچي (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جو اداري نور حق پهچڻ تي پرجوش استقبال ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڪراچي جي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم طرفان جماعت اسلامي کي 9 جنوري تي ٿيندڙ احتجاجي ريلي ۾ به شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن تي تفصيلي ڳالهين کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته جماعت اسلامي جو ٿورائتو آهيان انهن اسان کي ملاقات جو موقعو ڏنو. ٻئي پارٽيون بنيادي جمهوريت جي مضبوطي تي يقين رکن ٿيون. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن جي حڪم تي اڳ به مڪاني چونڊون ملتوي ٿيون، هاڻ به ٿينديون. خالد مقبول صديقي چيو ته ٻيون چونڊون ٿين يا نه ٿين پر مڪاني چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ انهن جو شفاف ٿيڻ ضروري آهي. خالد مقبول صديقي چيو ته عدالتن ۽ ايوانن ۾، ان تي ڳالهيون ڪيون. عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ قانوني، آئيني حق استعمال ۽ احتجاج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جماعت اسلامي به اهڙين حالتن جي متاثر آهي. اسان سڀ ڪيترن ئي نڪتن تي اتفاق ڪريون ٿا پر شايد اسان جي ترجيحات ڌار آهن. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته 6 سالن کان مڪاني چونڊون ناهن ٿيون. پيپلز پارٽي 2013 تائين حڪومت ۾ رهي. 2015 تائين ايم ڪيو ايم ان جي اتحادي رهي، عدالت سان رابطي کان پوءِ چونڊون ٿيون. حافظ نعيم چيو ته الميو اهو آهي ته هڪ شيءَ کي صحيح ڪريو ته ٻئي خراب ٿي ويندي آهي. اسان جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ چونڊون ٿين. آمرن جي دور ۾ مڪاني چونڊون ٿي وينديون آهن پر وڏي پارٽي نٿي چاهي ته مڪاني چونڊون ٿين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں