جهڏو ۾ ايس ٽي پي جو اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف مظاهرو

جهڏو(ن س) جهڏو ۾ اٽو مهانگي اگهه تي وڪرو ٿيڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو کي برطرف ڪرڻ لاءِ ايس ٽي پي طرفان احتجاجي مظاهرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جهڏو جي اڳواڻن قادر ڀنڀرو، سجاد ڪنڀر، شاهد ڪلوئي، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ٻوڏ متاثر علائقي جهڏو ۾ اٽي جو اگهه 130 کان 150 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي مهانگي اگهه تي اٽو وڪامڻ سبب غريب ڏهاڙي ڌار طبقو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي سخت عذابن کي منهن ڏئي رهيو آهي جهڏو جا اٽي چڪي مالڪ ۽ دڪاندار پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪري غريب عوام کي ٻنهي هٿن سان فري رهيا آهن بار بار شڪايتن باوجود اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو مهانگائي خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته اي سي جهڏو چڪي مالڪن ۽ دڪاندارن سان ملي ڪري عوام سان ظلم ڪن پيا هڻن چيو ته جهڏو ۾ سنڌ سرڪار پاران اعلانيل 65 رپيا ڪلو اٽي وارو اسٽال اڃان تائين ڪٿي به قائم نه ڪيو ويو آهي جنھن سبب جهڏو جي عوام سخت پريشان بڻيل آهي هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جهڏو ۾ اٽو سرڪاري اگهه تي فراهم ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر جهڏو کي برطرف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾  احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں