حيدرآباد ۾ پاپوليشن ويلفيئر کاتي جي گڏجاڻي،مسئلن تي غور ويچار

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ ۾ اڪائونٽ ڪيڊر ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن جي گڏجاڻي قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿي گذري،  عبدالمعيد سرهيو جي صدارت هيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ ظفر علي پلهه، ياور عباس، محمد سليم انصاري، زاهد حسين انڙ، راجا اڪبر شيخ، پريم ڪمار، جاويد ابڙو، ماجد ڀٽو، عبدالجبار شيخ، عابد پهوڙ، ياسين بجاراڻي، ثناءاللہ منگي، مجتبي شاھ، پير ذاڪر الله، احمد محمد رضا سوڌو پوري سنڌ مان اڪائونٽ آفيسرن، اڪائونٽ، اڪائونٽ اسسٽنٽ سوڌو سڄي سنڌ مان آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اپ گريڊيشن، پروموشن ڏيڻ، بااختيار ڪرڻ سوڌو اڪائونٽ ڪيڊر جي آفيسرن ۽ ملازمن جي مسئلن تي ويچاريو ويو. گڏجاڻي ۾ مسئلن جي حل لاءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي، گڏجاڻي ۾ اڪائونٽ ڪيڊر ۾ مسئلا حل نه ٿيڻ، نان ڪيڊر ماڻهن جي مقرري، اڪائونٽ آفيسرن کي بي اختيار ڪرڻ، دٻاءُ وجهڻ واري عمل، پي ڊبليو ٽي آءِ ۽ آر ٽي آئي کي کاتي کان الڳ سمجهڻ، بغير سبب جي بدليون ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي عبدالمعيد سرهيو، ظفر علي پلهه، ياور عباس، محمد سليم انصاري، زاهد حسين انڙ، راجا اڪبر شيخ، پريم ڪمار، جاويد ابڙو،ثناءاللہ منگي، ماجد ڀٽو، عبدالجبار شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان جون گڏجاڻي ۽ جدوجهد پي ايڇ ڪيو، ڊي ڊي او توڙي ٻئي ڪنهن جي ذات خلاف ناهيون، سمورا آفيسر اسان لاءِ قابل احترام آهن، اسان صرف ساٿين ۾ رابطي ڪرڻ، نوجوانن جي تربيت ڪرڻ، صاف شفاف نموني سان مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ، ايڪو ۽ ٻڌي ڪرڻ، پنهنجي ڪم کي بهتر ۽ ايمانداري سان ادا ڪرڻ، هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ تي روز ڏيڻ آهي. اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي چيف سيڪريٽري، پاپوليشن ويلفيئر کاتي سنڌ جي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، سيڪريٽري پاپوليشن ويلفيئر ريحان اقبال بلوچ کي اپيل ڪئي وئي ته اڪائونٽ ڪيڊر ۾ آفيسرن ۽ ملازمن جا مسئلا حل ڪيا وڃن، نان ڪيڊر ماڻهن جي مقرري ختم ڪئي وڃي، اڪائونٽ آفيسرن کي بااختيار ڪيو وڃي، دٻاءُ وجهڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي، پي ڊبليو آءِ ۽ آر ٽي کي کاتي ۾ سمجهيو وڃي، بغير سبب جي بدليون ڪرڻ وارو طريقو ختم ڪيو وڃي، غير ضروري انڪوائريون ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. اڳواڻن گهر ڪئي ته پيش ڪيل مسئلن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان جي 12 رڪني ڪميٽي سان ملاقات جو وقت ڏئي اسان کي ٻڌو وڃي، جائز مسئلن کي حل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ مجبور ٿي قانوني طريقو اختيار ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں