دادو( ڊ ر) دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گھرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو خلاف ڏنل درخواست جي ٻڌڻي 7 جنوري تائين ملتوي ٿي وئي عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي ام رباب چانڊيو چيو آھي تہ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو کي مک ڪيس ۾ جوابدار طور شامل ڪرڻ لاء عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست تي اسان جي وڪيلن جا دليل پيش ٿيل ھئا ۽ اڄ ايس ايڇ او ڪريم چانڊيو جي وڪيل عدالت ۾ دليل پيش ڪيا آھن جنھن تي عدالت فيصلو 7 جنوري تي ٻڌائيندي، مک ڪيس جي ٻڌڻي به 7 جنوري تي ٿيندي ھن چيو تہ عدالت ۾ شاھديون پيش ڪيون آھن تہ ايس ايڇ او جوابدارن سان مسلسل رابطي ۾ رھيو آھي هن چيو ته ايس ايڇ او سموري واقعي جي منصوبا بندي ۾ شامل رھيو آھي، ۽ ايس ايڇ او ميھڙ ٿاڻي تي ويھي پنھنجي اداري کي غلط بياني ڪندو رھيو، هن چيو ته اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.
