سڪرنڊ ( ن س) سينئر صحافي حاجي عبدالله مگسي سان سندس صحافتي خدمتن عيوض کيس مڃتا ڏيڻ لاءِ لاکا هائوس سڪرنڊ تي نور احمد لاکو ، منير احمد مگسي ۽ اعظم رند جي ميزبانيءِ ۾ ” سُهاني رات “ جي نالي سان رهاڻ رچائي وئي جنهن ۾ مچ ڪچهريءَ جو پڻ اهتمام ڪيو ويو ان موقعي تي زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل شخصيتن ۽ سنڌ جي نالي وارن سگهڙن پڻ شرڪت ڪئي جن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري داد وصول ڪيو سگهڙن ۾ علي شير لاکو ، گهرام جتوئي ، منٺار لاکو ۽ زاهد سنائي شامل هئا ڪچهريءَ ۾ ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين نور احمد لاکو ، ڪهاڻيڪار محمد صديق منگيو ، رضا محمد سيال ، غلام حيدر سولنگي ۽ نعيم انصاري حاجي عبدالله مگسي جي زندگيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن کي زندگيءَ ۾ مڃتا ڏيڻ اصل مڃتا آهي جنهن سان وڌيڪ خدمت جو اتساھ پيدا ٿئي ٿو اسين سمجهون ٿا ته حاجي عبدالله مگسي اها مڃتا لهڻي ٿو ان موقعي تي حاجي عبدالله مگسي ڳالهائيندي چيو ته مان انتهائي ٿورائتو آهي دوستن جو جن مان ڏئي عزت بخشي آهي هن چيو ته مان ڪوشش ڪندس ته پنهنجي ڪردار کي اھڙو رکان جو ان کي ياد ڪيو وڃي ان کان اڳ قاضي جاويد سنائي آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪري ڀليڪار ڪئي ڪچهريءَ دوران آيل مهمانن پاران صاحب رهاڻ حاجي عبدالله مگسي کي بوسڪي جو پٽڪو ٻڌرائي کيس اجرڪن ۽ گلن جا تحفا پيش ڪيا ان موقعي تي محسن لاکو ، علي نواز خاصخيلي ، ڊاڪٽر اي ڊي ڪيريو ، ڊاڪٽر غلام رسول ڪيريو ، باغ علي جلباڻي ، تاج محمد مگسي ، حضور بخش لاکو ، سڄڻ مگسي ، عطا محمد سيال ، عبيد چانڊيو ، لياقت علي مگسي ۽ ٻيا شامل هئا
