قاضي احمد(ن س)قاضي احمد تعلقي وڌندڙ بدامني، منشيات ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي پاران سماٽ سي اين جي کان پريس ڪلب قاضي احمد تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو انموقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن قربان مھڙ جي ايم ايس لاکو، عمران علي چانڊيو، ڏاڏو مهر، ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قاضي احمد نواب ولي محمد دولتپور سميت ٻين شھر ۾ گهڻي عرصي کان صفائي ناهي ٿي هر طرف گندگيءَ جا ڍير لڳل آهن، ڊرينيج ناليون ابتيون وهن پيون، گندگيءَ سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي، امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، بدامني ڏينهون ڏينهن وڌي رھي آهي ، چوريون ڌاڙا ڦرون روز جو معمول بڻيل آهن، قاضي احمد سميت مختلف ٿاڻن جي پوليس ننڊ پيل آهي، هنن چيو ته سڄي علائقي ۾ منشيات سرعام هلي پئي جنهن سبب نوجوان نسل تباهه ٿي رهيو آهي، تعلقي جي 17 يونين ڪائونسل جي بجيٽ ڪرپٽ ايڊمنسٽريٽر بشير عمراڻي هڙپ ڪري ٿو وڃي پر صفائي سٿرائي تي خرچ نه ٿو ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته صفائي ڪرائي تعلقي جي مختلف شھرن مان گندگيءَ جو آزار ختم ڪيو وڃي منشيات فروشن ۽ ڏوھارين خلاف ڪاروائي ڪري بدامني تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
