نارو(ن س)ناري تعلقي ۾ گئس ۽ تيل ڪڍندڙ يو ئي پي گئس فيلڊ سانوڻ ڪاٺوڙ نارا پاران گئس جي کوهن تي مقرر ڪيل چوڪيدارن ۽ عورتن سميت 38 ڄڻن خلاف سوراھ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي گئس فيلڊ انتظاميه جي سڪيورٽي ڪمپني جي سپروائيزر اڪرام راجپوت جي فرياد تي 2 سڃاتل دلبر ملاح طيب ملاح ۽ اڻسڃاتل سورنهن مرد ۽ ارڙهن عورتن سميت 38 ڄڻن خلاف ڀتي جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ چوڪيدارن سائينداد ڀنڀرو.دلبر ملاح.طيب ملاح .سائين ڏنو راڄپر.ممتاز ڀنڀرو ۽ ٻين ڪاٺوڙ چونڊڪو روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي مظاهرو ڪيو احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته يو ئي پي گئس فيلڊ سانوڻ نارا کي پگهارن وڌائڻ لاء چيوسين ته الٽو گئس فيلڊ انتظاميه اسان مٿان ڀتي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.هنن چيو ته اسان 2002 ع کان ڪمپني ۾ ڪم ڪريون پيا پر پگهارون نه ٿيون وڌايون وڃن پگهارن وڌائڻ لاء گئس فيلڊ انتظاميان کي چئون ٿا ته اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ٿا وڃن حق گهرڻ ڏوھ بڻجي ويو آهي.هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺي اسان مٿان ڪوڙو داخل ٿيل ڪيس ختم ڪرايو وڃي
