ٽنڊو محمد خان؛ سنڌ هاري ڪميٽي جو مهانگائي ۽ اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف مظاهرو،ڌرڻو

ٽنڊو محمدخان (ڊ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهنگائي خلاف گهرام وساڻ اسٽاپ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب اٽو اڻلپ ٿي ويو آهي اٽي جي قيمتن ۾ واڌ جي ذميوار موجوده سرڪار آهي سنڌ حڪومت هارين کان ڪڻڪ سستي اگهه تي خريد ڪري هاڻي اٽو مهانگو ڪيو ويو آهي ڏهاڙيدار مزدور ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان آهن مهانگي سبب پورهيتن مزدور پريشان ٿي ويا آهن سنڌ هاري ڪاميٽي جي اڳواڻن چيو ته هارين پورهيتن سان ظلم برداشت نه ڪنداسين سنڌ حڪومت اٽي جي قيمتن تي ضابطو آڻي ۽ اٽي جون قيمتون گهٽايون وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں