ٽي ٽي پي سان ڳالهين لاءِ بنيادي شرط اهو آهي ته هو آئين ۽ قانون آڏو هٿيار ڦٽا ڪن:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي مشروط طور ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر ان لاءِ بنيادي شرط اهو آهي ته هو آئين ۽ قانون آڏو هٿيار ڦٽا ڪن اسلام آباد ۾ آءِ جي پوليس ناصر اڪبر خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته اسلام آباد پوليس پنهنجو فرض بهتر نموني سان سرانجام ڏئي رهي آهي هن چيو ته اسلام آباد پوليس مطالبو ڪيو ته سندن پگهار پنجاب پوليس جي برابر ڪئي وڃي، سندن مطالبا پورا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ تي حملي جو معاملو ميڊيا ۾ اٿاريو ويو، اهو خوف پکيڙڻ جو سبب هو، ماڻهن کي ڊيڄارڻ به دهشتگرديءَ جو عنصر آهي گهرو وزير چيو ته سي ٽي ڊي جا ٻه اهلڪار مارجي ويا، انهن مان هڪ نويد سيال کي مان ذاتي طور سڃاڻان ٿو، جنهن پنهنجي جان خطري ۾ وجهي وڏا ڪم مڪمل ڪيا، پر ڪالهه دهشتگردي جو حملو ٿيو ۽ هو شهيد ٿي ويو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں