ڏوڪري(ن س)ڏوڪري ۾ گورنمينٽ هائر گرلس اسڪول جي شاگردياڻين ۽ استادن جون سالياني فيون وٺڻ واري عمل خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو ويو. ڏوڪري ۾ گرلسq گورنمينٽ گرلس اسڪول جي شاگردياڻين ۽ استادن آپا نفيسہ شاھ بخاري، آپا شبنم منگي، مقصود ميراڻي، شاگردياڻي نجمہ، شهزادي، وحيده ۽ ٻين نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحاني فيس وٺڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن شاگردياڻين ۽استادن جو چوڻ هو ته تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو پاران سرڪاري اسڪولن جي نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کان امتحانن جي سالياني فيس ورتي پئي وڃي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿيون. هنن چيو ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب زندگي مفلوج بڻجي وئي، لاڙڪاڻو بورڊ نازڪ حالت ۾ شاگردياڻين ۽ شاگردن کان امتحاني فيون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت اعلان ڪيو آهي سنڌ ۾ ٻارهين درجي تائين تعليم مفت آهي لاڙڪاڻي بورڊ سنڌ حڪومت جي فيصلن کي رد ڪندي نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين درجي جي امتحانن جي سالياني ڳري فيس مقرر ڪري غريب مسڪين شاگردن جي تعليم تباھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن سال تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي عملدارن سنڌ حڪومت جي ڪيل اعلان کي هوا ۾ اڏائيندي زبردستي غريب مسڪين شاگردن ۽ شاگردياڻين کان فيس ورتي پئي وڃي، جيڪا غريب شاگردن سميت سمورن شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ناانصافي آهي. هنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ ٻين اعلي عملدارن کي اپيل ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تعليم کاتي لاڙڪاڻي چيئرمين خلاف ڪارروائي ڪري امتحاني فيس معاف ڪري غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين سان انصاف ڪيو وڃي.
