رياض ابڙو
ڪراچي شهر جي ڪهڙي به غيرسنڌي جماعت هجي يا ڪهڙي به مذهبي ۽ لساني جماعت هجي پوءِ انهن جماعتن جو پهريون ۽ آخري ڪم رڳو اهو هوندو آهي ته اهي ڪجھ به نه ڪن پر مذهب جي آڙ ۾ لساني سياست ڪن يا لسانيت ۾ مذهبي ڪم ڪري وڃن، ان ڪري جو انهن جماعتن وٽ ٻيو ڪو حربو ناهي هوندو پر اها ڳالھ ضرور هوندي اٿن ته سنڌيت جي خلاف ڪم ڪن يا پنهنجي ميڊيا هوندي اهڙيون بي مقصد رڙيون ڪن جنهن ۾ اردو ميڊيا جا به ڪن کڙا ٿي پون ته اهي به انهن لساني ۽ مذهبي جماعتن جي رڙ ۾ رڙ ملائي اهي ميڊيائي ڏيڏر به اها ئي ٽان ٽان ڪن يا هاءِ گهوڙا ڪن ته ڪراچيءَ جي عوام سان ظلم لڳو پيو آ ۽ ان گهل گهوڙا جا آواز ۽ اثر اسلام آباد تائين پڄن، ان ڪري جو آخر بليڪ ميل ته انهن کي ڪرڻو هوندو اٿن ته جيئن بجيٽ مان ڪجھ هڙ حاصل ٿئي ۽ اهي هنن کي چپ ڪرائڻ جي لاءِ ڪو حيلو وسيلو ڳولهن، پهرين ته هي لساني جماعتن وارا ايڏا ته حرفتي هوندا آهن جو مسئلن جا انبار هڻي ويهندا آهن جيڪي ايڏي ڊگهي لسٽ کڻي ويهندا آهن جيڪا ڪنهن ٻي پارٽي يا سياست ٽولي وٽ ناهي هوندي يا جڏهن حڪوت ۾ ويهندا يا گڏ ٿيندا آهن ته به لسٽ کيسي ۾ پئي هوندي اٿن يا جڏهن الڳ ٿيندا آهن ته به اها لسٽ ڏيکاري ڌمڪائي، ڊڄاري ۽ حڪومت کي ڌار ٿيڻ جو خوف ڏياري پنهنجا سڀ ڪم ڪڍي ويندا آهن جيئن هنن پهرين ”چارٽر آف رائيٽس“ کڻي بيهي رهيا ان ڪري هي ايم ڪيو ايم ورا پنج اٺ سيٽون هٿ ۾ کڻي اهو سمجهندا آهن ته اهي حڪومتون ڪيرائي به سگهن ٿا يا حڪومتي اتحاد ۾ رهي حڪومتون هلائي به سگهن ٿا پر ڀلو ٿيون سنڌ سرڪار جو جو اهي هن سان ڪنهن اتحاد ۾ ناهن يا ٻين سان به اتحاد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهن.
ڳالھ رڳو اها وڃي ٿي بيهي ته ڪجھ به ٿي پئي بلدياتي چونڊون ٿين ان ڪري ته شهر ۾ جيڪي به پروجيڪٽ هلن ٿا اهي سنڌ سرڪار جي آشرواد ۾ هلن ٿا ۽ انهن ۾ ٻيو ڪو اسٽيڪ هولڊر ناهي ان ڪري سڀني لساني جماعتن کي سرَ جي لڳي آ اهي ڪراچي کي ٻيهر ترقي ڏيارن يا ڪراچي کي ٻيهر ٺاهن يا سمجهن ٿا ته ڪراچيءَ کي پي ايس پي وارا، ايم ڪيو ايم پاڪستان وارا يا ايم ڪيو ايم لنڊن وارا، حقيقي گروپ يا فاروق ستار يا جماعت اسلامي يا ٻيون سنهيون ٿلهيون جماعتون ئي ٺاهي سگهن ٿيون يا اهي جن مشرف جي جي دور ۾ اربين روپيا کاڌا پر بنيادي سسٽم بهتر نه ڪري سگهيا، يا صدر علوي رڳو اها اڙ هنئي آ اسلام آباد جي 50 يوسيز مان وائي 101 يا 125 يوسيز ڪارڻ وارو بل جڏهن ۽ قومي اسيمبليءَ مان ۽ سينيٽ مان پاس ٿي ويو آ ته علوي به پاس ڪري يا هو سمجهي ٿو ته آرٽيڪل 75 جي شق ون بي تحت هو ان ڳالھ جو پابند آهي ته پهرين حلقابنديون ٿين يا هو يوسيز واري ايڪسٽينشن کي نه ٿو مڃي يا 10 ڏينهن پهرين اهي سڀ شيون ممڪن ڪيئن آهن ان ڪري بل ۾ روڙا نه اٽڪائي ان ڪري ساڳي ڳالھ سنڌ سرڪار واري به آهي ته حلقابنديون نيون نه ٿينديون ان ڪري ته پراڻين حلقابندين تي جڏهن ٻيون چونڊون ٿي ويون ته هي به ٿي وڃن پر ان ۾ ايم ڪيو ايم جي سڀني ڌڙن جي ڪاپاري ڌڪ ان ڪري اهي هاڻي اهي سيٽون نه کڻي سگهندا جيڪي ماضيءَ ۾ کڻي سگهندا هيا يا اهو به آهي هاڻي هر محلي يا پاڙي يا علائقي مان هر پارٽي، جماعت، مذهبي ٽولي يا سياسي ڌڙن جو ماڻهو بيٺو آ ته ڪير به اڪثريت سان کٽي نه سگهندو ۽ ايتريون ته چپ ڪلشن، جھيڙا جھٽا يا فائرنگ جا واقعا ٿي ٿين جو وڃي ٿين خير، ۽ ٻيو ته سڄي ڪراچي کوٽي ڇڏي اٿن جنهن ۾ پي پي جي ترقياتي ڪم ڪارين جي بلي بلي آ يا اهي جي نه کڻي سگهيا ته نه کڻ پر پنهنجن علائقن يا پراڻين سيٽن مان ته ووٽ کڻي ويندا ۽ اها بي ڳالھ آ پي پي وارا رڳو پنهنجي سياست چمڪائڻ جي لاءِ يا اسان ماڻهن کي خوض ڪرڻ جي لاءِ اهو ضرور چوندا آهن ته ڪراچي جو ميئر هاڻي پي پي جو هوندو پر ڏئي وري ايم ڪيو ايم کي ڇڏيندا آهن جيئن ايڊمنسٽريٽر يا سنڌ پنلڪ ڪميشن جي چيئرمين شپ ايم ڪيو ايم کي ڏئي ڇڏين ته جيئن وڻيوَ تين ڪيو.
بلاول جي دوبدو ڳالھ ڪرڻ نامناست آ، ان ڪري آخري ڳوٽ کي پهرين ڳوٽ ڪري کيڏڻ نامناسب ۽ ناروا آهي، يا جنهن ليول جي سياست هجي اها ان ليول تي ئي ڳالهيون ڪري طئي ڪئي وڃي ته بهتر آ يا جڏهن بلدياتي چونڊن جو فائدو ٿيڻو ئي رڳو هڪ جماعت کي آ يا اهي لساني ۽ مذهبي جماعتون اها ڳالھ ڀلي ڀت سمجهن ٿيون ته جيستائين بلدياتي نظام نه ايندو تيستائين انهن جا ڀڀ نه ڀربا يا جيستائين اهي ان سسٽم جو حصو نه ٿيندا تيستائين انهن جي لوڪل ۽ لالوکيتي سياست نه نبرندي، ان ڪري شيون يا آويءَ جي آوي ئي بگڙيل آ، يا ڀلو ٿئي عمران خان جو جنهن جي دشمني جي نتيجي ۾ اهي سڀ هڪ ٿالهيءَ ۾ کائڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن يا ڪلهوڪو ڏينهن آ جڏهن سي پيڪ جي ڪري چائينا جي فرمائش تي ڪراچي ۽ گوادر جي صفائي واري مهم سازيءَ ۾ هنن لوڪل ايجسنين ڪراچي شهر جي هڪ ڪال تي بند ڪرائڻ واري سازش کي ٻنجو ڏئي ڇڏيو هين ۽ 2018 واري اليڪشن ۾ عمران خان جي پٺڀرائي ڪين يا رات پيٽ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان آڻي ماڻهن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏين ته ڪيئن ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ وارا پاڻ پنهنجي گھٽي صاف ڪرائڻ لاءِ ڀنگين کي ايلاز ڪرڻ تي مجبور هيا يا جيڪي ڪراچيءَ کي هڪ ڪال تي بند ڪرائڻ وارا پاڻ بند ٿي ويهي رهيا ۽ ڪراچي شهر مان ”مهاجر ۽ ڪراچي“ واري سياست ڪجھ ٺاپر ۾ اچي وئي هئي يا سي پيڪ جي بهاني هنن ڪراچي جو ڪنٽرول ئي ڍلو ڪري ڇڏيو هيو، ان ڪري ته جي ڪراچي هڪ ڪال تي بند ٿيندي رهي ته سي پيڪ يا چائينا جي پروجيڪٽس جو ڇا ٿيندو، ان ڪري سڀ ڀت سان لائي سي پيڪ جي سڻائي ڪري ويا.
اها ڳالھ به مڃون ٿا ته ڪراچي جي سياست ڦرندي گهرندي رهي يا ڊرائنگ روم واري سياست کان وٺي، وري روڊن واري سياست، يا وري ٽارگٽ ڪلنگ واري سياست کان وٺي ڀتي خوري واري سياست يا هاڻي وري رڳو دوبدو ۽ دونَ تي وڙهڻ واري سياست، ان ڪري ته اهو مفاد جي ڪو سمجهي ته هنن جي ڳوٽ آخر ان بلدياتي نظام تي ڇو اڙيل آ يا ان کان اڳ هنن جيڪي به مسئلا ڪيا جن ۾ صوبائي نوڪريون جي ڪوٽا، ڊوميسائيل جا مسئلا، بنگالين ۽ افغانين جي شناختي ڪارڊ جا مسئلا، بحريا کان وٺي ٻيون غيرسنڌي آبڪاريون يا رهائشي منصوبا، يا آدم شماريءَ جي مسئلي ۾ جماعت اسلامي وارن ته ڪراچيءَ شهر ۾ ريفرينڊم به ڪرايو، روڊن تي ٽينٽ هڻي ماڻهن کي ڇتو ڪري ڇڏيو هين پر ورين ڪجھ به نه، هاڻي وري عمران خان جي دشمني ۾ هي سڀ هڪ ٿي ويا آهن ان ڪري ته 2018 جي الڪيشن کٽڻ کانپوءِ عمران خان به هنن ايم ڪيو ايم جي پيروي تي هليو هيو يا هنن ايم ڪيو ايم جي آٿت جي لاءِ هنن کي نفيس ڪوٺي اڳيان پويان سڀ لنڊني دشمني وارا اڪائونٽ ڪليئر ڪري ڇڏيا هيائين يا هنن به 12 مئي 2007 ۾ جڏهن جنرل مشرف جي دور ۾ ڪراچي اچڻ تي پابندي هنئي هينس يا ڪراچيءَ جون ڀتيون ڀري ڇڏيون هن ته ”عمران زاني“ پر سياست آهي ئي مفاهمت اڄ جو دوست سڀاڻي جو دشمن آ، ان ڪري ٻنهي کان اهي ڏينهن ئي وسري ويا.
وري هاڻي فوجي اسٽبلشمينٽ عمران خان جي ووٽ ٽوڙڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي ڪراچيءَ ۾ هڪ ڪري ڇڏيو آ، پر سوال اهو ٿو اٿي ته ڇا هنن ايم ڪيو ايم وارن کي ساڳي 2010 واري اڳين ساک به موٽائي ڏيندا، معني ”هڪ ڪال تي ڪراچي بند“ ته پوءِ سي پيڪ جو ڇا ٿيندو يا جي هي ڪراچي هڪ ڪال تي بند نه ڪرائي سگهيا ته ايم ڪيو ايم جي اسٽريٽ پاور يا روڊ شو کي ڪير مڃيندو يا ايم ڪيو ايم کي پوءِ ته پنهنجا به ووٽ نه ڪندا، ان ڪري ته هنن ايم ڪيو ايم وارن ته سدائين ڪَن پَٽي تيي پسٽول واري سياست ڪئي آ، هنن نفيسن کي هاڻي اها ”بون آف ڪانٽينشن“ يا ڀتي واري سياست ڪير موٽائي ڏيندو، يا هاڻوڪي ضمني اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ته عامر لياقت واري اين اي 245 واري سيٽ به موٽائي کڻي وئي هئي، ان ڪري هاڻي اهي اسٽبلشمينٽ وارا پي ٽي آءِ جي ساک خراب ڪرڻ يا اها ئي ساک ايم ڪيو ايم کي ڏيڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندا، جي نه ته پوءِ پي ٽي آءِ جي ساک خراب ڪرڻ مشڪل آ ان ڪري ايم ڪيو ايم کان ماڻهو باغي لڳا پيا آهن يا هاڻوڪن ترقياتي پروجيڪٽ مان مراد اها به هئي ته ڪوسٽل ايريا، اسٽيل مل يا گهارو ۾ انڊسٽريل زون يا گوادر پروجيڪٽ ۾ چين سان ڪيل واعدن جي وفا جي رستا ممڪن ڪرڻا به هيا پر سياسي آوي کي بگاڙڻ مان مراد پوءِ ڪهڙي وٺڻ گهرجي، ان ڪري اها ڳالھ به مڃون ٿا ته رياست کان ڪير زور ناهي پر ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي مٿي چاڙڻ مان مراد شهري سياست بگاڙڻ به آهي جنهن جو گھڻو نقصان اسان ماڻهن کي آ.
