ڪوٽڙي ۾ ايس يو پي جي دادو پوليس خلاف ريلي

ڪوٽڙي(ن س)ڪوٽڙي دادو پوليس پاران ايس يو پي اڳواڻ ظفر ڏيپر مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ايس يو پي پاران اسٽيشن روڊ ڪوٽڙي کان احتجاجي ريلي ڪڍي المدينا چوڪ تي ڌرڻو ھڻي.دادو پوليس انتظاميا خلاف زوردار نعاري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خالد لاشاري ـ عاشق ٻگھيڳ ۽ ٻين چيو ته دادو پوليس گنڊا گردي ڪندي ايس يو پي اڳواڻ ظفر ڏيپر مٿان قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آھي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ھنن مطالبو ڪندي چيو ته ظفر ڏيپر مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس فوري طور تي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر احتجاج ڪيا ويندا.. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں