باڊهه ۾ امتحاني فيس اڳاڙڻ خلاف مختلف اسڪولن جي شاگردن جا ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا
باڊهه(ن س)لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان شاگردن کان امتحاني فيس اوڳاڙڻ واري فيصلي خلاف گورنمينٽ هاء اسڪول گابر مسڻ، گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول باڊھ ۽ دڙا ھاء اسڪول جي گسٽا جي استادن ۽ شاگردن پاران نثار احمد هيسباڻي، فقير محمد ڍڪڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاھرا ڪري فيس وٺڻ واري عمل جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي هنن دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت اعلان ڪري چڪي آهي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انٽر تائين مفت تعليم فراهم ڪئي ويندي ان باوجود لاڙڪاڻو بورڊ نائين ڪلاس لاءِ 1100 سئو رپيا ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحاني فيس 2600 رپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي جيڪا غريب شاگردن سان سراسر ناانصافي آهي هنن چيو ته طوفاني برساتن کان پوء سڄي سنڌ ۾ ڏڪار واري صورتحال آهي جڏھن ته لاڙڪاڻي بورڊ جي انتظام هيٺ ايندڙ ضلعا آفت سٽيل قرار ڏنا ويا آهن ان جي باوجود به اهڙو فيصلو سمجھ کان ٻاهر آهي هنن چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي سبب والدين ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن ته اھي فيس جا پئسا ڪٿان آڻيندا لاڙڪاڻي بورڊ جي اهڙي عمل سان لکين ٻارڙن جي تعليم خاص طور تي نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿيندي هنن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ،تعليم واري وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻي بورڊ پاران مڙھيل امتحاني فيس وارو فيصلو فوري طور واپس وٺي مفت تعليم فراهم ڪري بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.