محمد اسماعيل لانگاھ
اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ جي رهيل ضلعن ۾ پندرنهن جنوري کان بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي، هڪ طرف اليڪشن ۾ مختصر ٽائم ٽيبل ڏنو ويو آهي ته ٻئي پاسي پ پ قيادت ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڪراچي جي مختلف تڪن تي نين تڪ بندين جا معاملا طعي نٿي سگهيا آهن پ پ پنهنجو موقف ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي موقف تي بضد آهن خير اهو ٻنهي پارٽين جي سياسي معاملن ۽ معاهدن جي هڪ ڪڙي آهي جيڪي شهباز شريف کي وزير اعظم بڻائڻ کان اڳ آصف زرداري جي قيادت ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ طعي ڪيل هئا هن وقت ڪافي قياس آرائيون به ٿي رهيون آهن ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۾ ٻيهر منظم ڪرڻَ جون تياريون ٿي رهيون آهن، ۽ ايم ڪيو ايم جي مقرر گورنر پاران ڪراچي جي امن امان بابت اهم بيان به جاري ڪيو آهي ۽ ڪراچي جو امن پوري ملڪ جي سلامتي لاءِ اهم سمجهيو ويندو آهي ڪراچي جي امن کي هڪ طرف ڪري باقي تڪ بندين وارو تڪرار اهڙا مسئلا ۽ بيان سياسي طرح جا سمجهيا ويندا رهيا آهن انهن مان عوام کي ڪوبه فائدو نه ملندو رهيو آهي ۽ ذڪر ڪيون ٿا بلدياتي اليڪشن جو ڇوته هي لوڪل سطح تي ٿيندڙ چونڊون برساتن کان اڳ ٿيڻيون هيون پر ٻوڏ جي تباهڪارين سبب حيدرآباد ڊويزن جا ڪيترائي ضلعا سخت متاثر ٿيڻَ بعد خاص طور پ پ قيادت طرفان اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاء درخواستون جمع ڪرايون جيڪو انهن جو بهانو قابل قبول رهيو پر هن وقت مقرر ڪيل تاريخ مان به پ پ قيادت شايد اڃا مطمئن نٿي سگهي آهي جنهن جو وڏو سبب ٻوڏ نه پر عوام ۾ گهٽجندڙ مقبوليت آهي ڇو ته حيدرآباد ڊويزن جو دادو ضلعو به شامل آهي جتي هن وقت تائين غريبن جي اجهن مان نه پاڻي نيڪال ڪرايو ويو آهي نه وري انهن جي ڪا مالي امداد ڪئي وئي دادو ضلعي جو جوهي تعلقو ۽ ڪي اين شاه جيڪي ٻوڏ دوران عالمي سطح جو موضوع بڻيل رهيا هئا ايتري سنگين صورتحال ۽ عالمي برداري تائين بحث مباحثي جو مرڪز بڻيل جوهي تعلقي ۽ ڪي اين شاه جي عوام اڃا تائين ان دربدري وارين گهڙين مان گذري رهي آهي هزارين ماڻھون گهربار ڇڏي جيڪي نقل مڪاني ڪري ويل آھن ڇا اهي چند سياسي ٽڪن، راشن جي ڪٽي. هڪ ڪمبل عيوض هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ضمير غيرت اصول داعُ تي لڳائي عوام دشمن سياسي ۽ حڪمران پارٽي کي ووٽ ڏيندا؟
پ پ سرڪار ۽ دادو جي چونڊيل نمائندن سميت ٻين پارٽين لاء سڀ کان وڏي پريشاني اها آهي ته هو لڏپلاڻ ڪري ويل هزارين ماڻھن کي پولنگن تي آڻي سگهندا اهو فيصلو هاڻي سياسي پارٽين جون مليل لالچون ،راشن جو ڪٽو، ڪمبل، پنج سئو يا هزار رپئي واري پيشڪش نه پر پنهنجن گهرن ۽ اباڻن اجهن کان ڇڙوڇڙ ٿيل ٻوڏ متاثرن جي اصول ۽ ضمير کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هو حڪمران جماعت يا ڪنهن ٻي سياسي پارٽي کي ووٽ ڪندا يا مورڳو ووٽ ڏيڻ کان ٺُپ جواب ڏنو ويندو هن وقت اليڪشن ڪميشن دادو ضلعي جي ميهڙ ۽ ڪي اين شاه تعلقي کان علاوه باقي ٻين تڪن تي اليڪشن ڪرائي رهي آهي، سرڪار توڙي ٻين پارٽين خلاف عوام جي بدضني جو سبب صرف ٻوڏ ياراشن جو هڪ ڪٽو نه پر انهن جا ڪيترائي بنيادي مسئلا آهن جيڪي پ پ جي حڪومت هوندي پندرنهن ورهين کان حل نٿي سگهيا، ۽ ٻوڏ جي ڪري باقي رهيل سهولتون به کسجي ويون ٻوڏ ته هن سال آئي آھي پ پ جي اقتدار کي هي چوڏھون سال آهي آخر عوام جو قصور ڪهڙو هو جو انهن کي سڀني بنيادي سهولتن کان محروم رکيو، دادو ضلعي ٿيندڙ چونڊن ۾ هن وقت عوام کي پنهنجي اصول ۽ ضمير مطابق سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا هو پاڻ سان ٿيل هي سڄو ويڌن پنهنجن ٻچن ننگن جون آنهون ۽ دانهون، وساري وري به ساڳين نمائندن کي منتخب ڪندا جنهن ٻوڏن برساتن ۾ بي گهر ٿيل مسڪينن جي واهر ڪرڻ بجاء راشن ۽ خوراڪ کي ڪنو ۽ خراب ٿيڻ پسند ڪيو پر ڪنهن بکايل پيٽ جو بُک نه اُجهائي، رڳو دادو ضلعي ۾ نه پر سڄي سنڌ جو ساڳيو داستان آهي سنڌ جي عوام کي هن اليڪشن ۾ سوچي سمجهي ضمير جو فيصلو ڪري ووٽ ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ سندن لاوارثي ڏُک ۽ تڪليفون سندن جند نه ڇڏينديون.
