گولاڙچي(ن س) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمرحيدر جتوئي گولاڙچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ حڪومت جي نمائندن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته سنڌ حڪومت کي سنڌ جي ماڻهن جي ڪا پرواه ناهي سنڌ اٽي اندر اٽي جي بهران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي سنڌ حڪومت جي ناقص پاليسن سبب غريب هاري مزدور گنگال ٿي ويا آهن سنڌ حڪومت پورهيتن کان ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آهي موجوده وفاقي سرڪار گڏيل اتحاد واري سرڪار به ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي ملڪ تيزي سان ڊفالٽ طرف وڃي رهيو آهي ملڪ اندر نوجوده معاشي چلينجز جا ذميوار پاڪستان جي موجوده اتحاد واري تنظيمن جا سربراه آهن جن واري واري سان حڪومت اچي ملڪ کي لٽيو آهي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي تائين ملڪ ترقي نه ڪندو هن چيو ته هڪ طرف سنڌ ۾ اٽي جو بهران آهي ته ٻئي طرف تيزي سان ڌارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو پيو وڃي سنڌ جي زمينن تي رٿابندي تحت قبضو ڪيو پيو وڃي هن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ مان اٽي جو بهران فوري ختم ڪري پورهيتن کي سستي اگه تي اٽو مهيا ڪيو وڃي ۽ سنڌ اندر موجود ڌارين کي پنهنجي علائقن ۾ فوري طور تي واپس ڪيو وڃي ان موقعي جونيئر ڪامريڊ حيدربخش جتوئي,جونيئر ڪامريڊ مظهر ۽ حاجي منور علي ۽ ٻيا گڏ هئا.
